پروفيسر هاسانند جادوگر
پروفيسر هاسانند جادوگر: پروفيسر هاسانند ولد چانڊو مل ڀنڀاڻي 1894ع ڌاري ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سيٺ چانڊو مل ڀنڀاڻيءَ کي چار پٽ هئا، هاسانند سڀني ۾ ننڍو هو. هاسانند هالاڻيءَ مان شادي ڪئي، کيس ست ٻار ڄاوا، جن ۾ ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون شامل آهن سندس ٽئي پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويا. هاسانند آريه سماجي ۽ ڪانگريسي هو، تنهن ڪري هُن نياڻين جون شاديون قومي خيال وارن گهراڻن ۾ ئي ڪرايون. پروفيسر هاسانند ڪراچي ۾ پورٽ ٽرسٽ ۾ نوڪري ڪئي، پوءِ ڪانگريس ۾ سرگرم ٿيڻ جي ڪري اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ڪانگريس جي هلچل ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري هي ڪيترائي ڀيراءُ جيل ويو، پر پنهنجي مقصد تان پوئتي نه هٽيو. هي بهادر سياستدان هو. پروفيسر هاسانند جادوءَ جا کيل ڪندو هو ۽ سندس اهي کيل پري پري تائين مشهور هئا. سندس انهن جادو جي کيلن جو مقصد ماڻهن کي وندرائڻ هوندو هو. هن جي کيلن جا ڪيترائي قصا مشهور آهن هڪڙي ڀيري هن هڪ گهورڙئي (شيون کپائيندڙ) ڇوڪري کي چانديءَ جو روپيو ڏنو ته هي مون کي ريزو ڪري ڏي. ڇوڪري روپيو وٺي ٿيلهيءَ ۾ رکيو ۽ هاسانند کي ريزو ڳڻي ڏنائين. هاسانند ريزو وٺي ڇوڪري کي چيو ته روپيو ڏنو مانءِ ڏس ته آهي يا نه؟ متان پوءِ مون تي ڪا ميار ڏين. ڇوڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ڳوٿري کولي ڏٺي ته روپئي بدران ٺڪري پئي هئي. ڇوڪري جو حيرت وچان منهن لهي ويو. هاسانند هن کان ٺڪري وٺي بيٺل ماڻهن کي چيو ته توهان ٻڌايو ته هيءُ روپيو آهي يا ٺڪري؟ سڀني ڏٺو ته اهو چانديءَ جو روپيو هو ۽ هنن چيو ته اهو روپيو آهي. هاسانند اهو روپيو ٻيهر ڇوڪري کي ڏنو، جنهن وري وٺي ٿيلهي ۾ رکيو. هاسانند ويندي ويندي ڇوڪري کي چيو هاڻي ته روپيو ڏنومانءِ نه؟ متان پٺيان دانهون ڪرين ته ٺڪري ڏئي ويو. ڇوڪري ٻيهر ڳوٿري کولي ته ساڳي ٺڪري پئي هئي ۽ هاسانند کي موٽائي ڏنائين. هاسانند ٺڪري کي وري روپيو بڻائي ڏيکاريو. ڇوڪرو ويچارو ڪڇي به نه پيو سگهي. سو اهو روپيو ڳوٿريءَ بجاءِ هٿ ۾ رکيو ۽ اهو ٺڪري ڪو نه ٿيو. ائين هاسانند ماڻهن کي کلائي کلائي هليو ويو. هن سڄي هندستان ۾ کيل ڪري پنهنجو نالو ڪڍيو، هن کي ٻيا جادوگر ’سڪن جو بادشاهه‘ ڪوٺيندا هئا، ان کيل ۾ ٻيو ڪو به جادوگر هن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. جيتوڻيڪ پروفيسر هاسانند جي سڄي هند-سنڌ ۾ هاڪ هئي، پر ڪنڊياري جي ماڻهن جو هن سان تمام گهڻو چاهه هو. جڏهن پهريون ڀيرو هي ستيا گرهه هلچل ۾ گرفتار ٿيو، تڏهن وڏي تعداد ۾ ڪنڊياري جا ماڻهو هن سان ريلوي اسٽيشن تائين گڏجي ويا ۽ جڏهن آزاد ٿيو تڏهن به ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد دهلن شرنائين سان هن کي ريلوي اسٽيشن تي وٺڻ ويو. پروفيسر هاسانند هندو ۽ آريه سماجي هو پر آزاد خيالن جو هو، تنهن ڪري هندو ۽ مسلمانن سان هڪ جيترو ويجهو هو ۽ انهن ۾ هڪ جيترو مقبول هو. هن جي ڪنهن به ڳالهه کي ڪير خراب نه سمجهندو هو. ان دؤر ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پڻ هلي، پر هاسانند سان هر ڪو ڀاڪر پائي ملندو هو. پروفيسر هاسانند ۾ ڪٽرپڻو نه هو، هو سچو انسان هو ۽ پڪو ديش ڀڳت هو، ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. هي هندو هجڻ باوجود هندن جي ٻاون ۽ ٻانڀڻن جي ڪرتوتن تان پردا چاڪ ڪندو هو ۽ ڪانگريسي هجڻ باوجود ڪانگريسين جي غلط ڳالهين تي کليل نموني تنقيد ڪندو هو. پروفيسر هاسانند جو سڀني سنڌين سان پيار هو ۽ پنهنجي شهر ڪنڊياري سان کيس وڏو اُنس هو. هو چوندو هو ته ’هاسانند هوندو ريل ۾ يا جيل ۾، کيل ۾ يا ويل ۾، نه ته هوندو پڪ ڪنڊياري ۾.‘ آزادي کانپوءِ جڏهن سنڌ مان هندو لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا تڏهن پروفيسر هاسانند انهن کي روڪڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. جڏهن سندس سڀ ويجها مٽ مائٽ لڏي ويا تڏهن هن لاءِ به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا، گهر جي عورتن هن کي به لڏڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن سبب هي به لڏي وڃي اجمير ۾ ويٺو، جتان گانڌيڌام(آديپور) ۾ وڃي ويٺو. هي تمام گهڻو سخي هو. سنڌ ۾ رهڻ وقت توڙي هند ۾ رهڻ دوران ضرورتمندن جي مدد ڪندو هو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ ٿيل سنڌ ڪانگريس ورڪرس سمتيءَ جي اجلاس وقت هو چدا ڪاشي مندر ۾ رهيو ۽ ڪانفرنس ٿي وڃڻ کانپوءِ به اتي ئي رهيو پيو هو ۽ اتي ڪنهن کي به پنهنجي تڪليف ٻڌائڻ کانسواءِ 72 سالن جي ڄمار ۾ 29 سيپٽمبر 1966ع تي وفات ڪيائين.