پرولي: پرولي ڳجهارت جو عام قسم آهي، آڳاٽي سمي ۾ جڏهن سنڌ ۾ پرولين جي پهه پچار شروع ٿي ته وقت گذرڻ سان گڏ نت نون ۽ انوکن خيالن ۽ نُڪتن جي اضافي سان پروليءَ جو بنيادي قالب تبديل ٿيو ۽ نت نوان قسم نمودار ٿيا، جن کي پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ڳجهارتون سڏيو وڃي ٿو. انهن مڙني قسمن مان ’ڳجهارت‘ فني لحاظ سان، نهايت ڳوڙهي ۽ معياري آهي.
پروليءَ جي تاريخي قدامت: پروليون قديم زماني کان وٺي دنيا جي اڪثر قومن، قبيلن ۽ سندن ٻولين ۾ رائج رهيون آهن. آڳاٽن سنڌ واسين، چينين، رومين، يونانين، عربن ۽ ايرانين توڙي پوءِ جي مشرق توڙي مغرب جي متمدن قومن توڙي پٺتي پيل گروهن ۾، پهاڪا ۽ چوڻيون، گيت ۽ پروليون، سندن ذهني ارتقا ۽ طبعي ظرافت جي ساک ڀرين ٿيون. مجموعي طور پروليون خاص ڪري انسان ذات جي ذهانت ۽ ظرافت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن، البت هر گروهه پنهنجي ملڪ ۽ ماحول، پنهنجي طبعي ۽ معاشرتي لاڙن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت مطابق ’پروليءَ‘ جي لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت جي آبياري ڪئي. يونان جي آڳاٽي دور توڙي هندستان جي ويدن واري دور جون پروليون اڪثر پرتڪلف آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي ڪن ذهين شخصن ارادتاً جوڙيون. فارسيءَ جي ’نغز‘ ۽ ’چيستان‘ ۾ ساڳيءَ طرح تڪلف ۽ تصنع نمايان آهي.
بهرحال آڳاٽي وقت کان سنڌ جي علمي طبقن ۾ پارسيءَ جي چيستانن جو چرچو ايترو وڌيو، جو انهن جو پڙلاءُ عوام جي ڪنن تي به پيو، ۽ هو فقط ايترو سمجهي سگهيا ته اهي پارسيءَ ۾ پروليون آهن. انهيءَ مفهوم مطابق، عوام پروليءَ کي ’پارسي‘ يا ’پاريسي‘ پڻ سڏڻ لڳا، جنهن جي تصديق شاهه جي رسالي مان ٿئي ٿي ته:
”بروبگيرد بي، ڏين پارسيون پاڻ ۾“
’پارسي‘ يا ’پاريسي‘ جي انوکي نالي کان سواءِ ٻيو نالو ’هيماري‘ آهي، جو لاڙ ۽ ٿر طرف رائج آهي، پر سڄيءَ سنڌ ۾ عام مشهور ۽ مروج نالو ’پرولي‘ آهي، جنهن کي ٻهراڙيءَ ۾ ڪن ماڳن تي ’پيرولي‘ يا ’پيرهوڙي‘
به ڪري اچارين.
’پرولي‘ لفظ غالباً ’پروڙڻ‘ مان نڪتل آهي، يعني اُها انوکي سٽا، جا پروڙڻ خاطر سٽيل هجي يا پروڙجي. هنديءَ يا اردوءَ ۾ ان جو مترادف ’پهيلي‘ آهي، يعني اها انوکي سٽا، جا پهه پروڙڻ خاطر سٽيل هجي. پرولي اڪثر سڀني ديسن ۽ ٻولين ۾ عام آهي. پر پروليءَ جي بنيادي تخيل مان، جيڪي انهيءَ فن جا ٻيا نمونا نروار ٿيا، سي جدا جدا ديسن جي ماڻهن جي ذهانت ۽ ظرافت ۽ سندن ٻولين جي نفسياتي ڪيفيت ۽ منجهن بيان جي صلاحيت مطابق ڪن وٽ ٿورا ته ڪن وٽ گهڻا رائج ٿيا. مثلاً: اردوءَ ۾ ’پهيلين‘ کان سواءِ ٻيو نمونو فقط ’ڪهه- مُڪرنيون‘ آهي. انگريزي ٻولي، جنهن يورپ جي ٻين زبانن مان پنهنجي سرمايي ۾ اضافو ڪيو آهي، ان ۾ به فقط چار يا پنج قسم آهن، جنهن ۾ Riddles ۽ Puzzles وغيره شامل آهن. اهو سنڌ وارن جي ذهانت ۽ ظرافت جو ڪمال ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بياني وسعت جو معجزو آهي، جو سنڌيءَ ۾ خود ’پرولي‘ جي گوناگون نمونن کان سواءِ ان ۾ هن فن جا ٻيا قسم، مثلاً: دستاگ، ڏٺ، معما، ڳجهارت، گُرچيلي وارا سوال ۽ جواب، قسمين قسمين عاقلاڻا ٻول ۽ گفتا موجود آهن. سنڌ جي ايراضيءَ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جي آدمشماريءَ جي لحاظ سان، هن فن جو مجموعي سرمايو جيترو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، اوترو شايد دنيا جي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ملي.
پروليءَ بابت مختصر معلومات ڏيڻ بعد پروليءَ جي ٻين قسمن بابت ڪي خاص ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏجن ٿا، جهڙوڪ: لفظي ۽ معنوي سٽاءَ جي لحاظ سان ’ساديون پروليـون‘، ساديون منظوم پروليون، ’ڳوڙهيـون پروليـون‘ ۽ ’ٻول پروليون‘. ’ڳُوڙهين پرولين‘ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سالڪن ۽ سگهڙن ڪيئن ڪن عام شين کي بيان توڙي معنيٰ جي پيچيدن پردن ۾ پوشيدو ڪيو آهي. انهن مان ڪي پروليون ڄڻ ’معمائن‘ سان مشابهت رکن ٿيون. مثلاً:
دستاڳ: سنڌ جي ڏکڻ- الهندي ڪوهستاني علائقي ۾ خاص قسم جون منظوم پروليون رائج آهن، جن کي دستاڳ چئجي ٿو. هنن پرولين جي سٽا جو مدار استعاري ۽ تشبيهه تي آهي.
هيماريون ۽ ڳوڙها: هيماريون ۽ ڳوڙها ٿرپارڪر واريءَ ايراضيءَ جون مخصوص پروليون آهن ۽ اڪثر ٿري ۽ ڍاٽڪي محاوري ۾ رچيل آهن. ’ڳوڙها‘ (اصل تلفظ گُوڙها) غالباً راجسٿاني ٻولين ذريعي ٿر ۾ رائج ٿيا، پر ’هيماريون‘ خاص سنڌ جي پيداوار آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ به لاڙ (حيدرآباد جي ڏاکڻي ڀاڱي)، مُهراڻي(عمرڪوٽ ۽ ساماري) توڙي ٿرپارڪر ۾ رائج آهن. مثال طور:
هينڏ هينڏوڙي هيند تي، مکڙي ميٺي لار،
سرتا هوئي تو سوجهه لو، ڀتير وار وار.
[ننڍڙي ننڍڙي هنڍي، جنهن جي منهن مان مٺي لار وهي، ڏاها هجو ته ڳوليو، جو ان جي کل اندران وار ٿين.]
ڏٺون يا ڏٺ پروليون: ڪا وٿ، ڪا سٽا يا ڪو واقعو ڏسي، هنرمنديءَ سان نظــم ۽ ان جـا اهڃـاڻ ڏئـي ’پرولــي‘ راس ڪجي ته اهڙي پروليءَ کي ’ڏٺ‘ يا
’ڏٺ پرولي‘ چئبو. جيڪڏهن شيءِ هڪ آهي ۽ اُن جي اهڃاڻن کي رمز سان بيان ڪيو ويو آهي، ته اها نسبتاً عام فهم ’ڏٺ‘ يا ’ڏٺ پرولي‘ چئبي. اهڙين عام فهم ’ڏٺن‘ يا ’ڏٺ پرولين‘ کي اندازاً سؤ ٻه سؤ سال کن يا اڃا به اڳ، سنڌ جي سگهڙن پنهنجيءَ رهاڻ ذريعي ڪافي ترقي وٺرائي ۽ اکين سان ڏٺل شين يا واقعن کان وک وڌائي، خيالي واقعا تصور ۾ رکي ڏٺون جوڙيون، جي پوين سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي محفوظ رهيون ۽ اڃا تائين رائج آهن. مثال:
هڪ هرڻ، ٻارهن پير، ٽي سؤ سٺ سڱن،
هڪڙي هڪڙي سڱ ۾، پنج پنج گل چئجن،
اهڙا ملوڪ هجن، جي ڏاها ڳولين ڏٺ کي.
(پير= مهينا، سڱ= ڏينهن، گل= نماز جا وقت) (ڀڃڻي: سال)
معمائون: ’معما‘ معنيٰ مخفي راز يا رمز، سنڌ ۾ اهو لفظ ’مام‘ جي عام اُچار سان، ڳجهي اشاري يا ڳجهارت جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي. ”معمه“ (اصل عربي لفظ) يارهين صديءَ هجريءَ جي آخر ۾ شاهه لطف الله قادريءَ جي هڪ بيت جي سٽ ۾ ملي ٿو: ”پرين پاڻهي ڏني پانهنجي، ڪالوڪان ڳجهي مام“. ’معما‘ يا ’مام‘ ڳُوڙهي پروليءَ جو اعليٰ نمونو آهي. سٽا جي لحاظ سان ’ڏٺ پرولي‘ ۽ معما ۾ هيءُ فرق آهي ته ’ڏٺ پرولي‘ اڪثر ڪنهن ڏٺل شيءِ يا واقعي بابت هوندي آهي، پر ’معما‘ ڏٺل کان سواءِ ڪنهن به اڻ ڏٺل شيءِ يا اڻ ٻڌل ڳالهه يا مذڪور بابت به ٿي سگهي ٿي. ڏٺ پروليءَ ۾ اڪثر هڪ شيءِ جو بيان هوندو آهي ۽ جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ شيون هونديون ته به بيان جي سٽا سادي ۽ سولي هوندي. ان جي برعڪس ’معما‘ ڪنهن هڪ شيءِ بابت به گهڻي تفصيل ۽ وڌيڪ مبهم اشارن سان سٽيل هوندي آهي. مثال طور:
ماکيءَ جون مکيون گلن ڦلن جو رس چوسي وڃي ماناري ۾ گڏ ڪن، پوءِ ماڻهو ماکي لاهي ان مان فائدو وٺن، انهيءَ مذڪور تي ڪنهن سگهڙ هيٺين معما ٻڌي:
مينهـون آيـون ملير ڏهون، اچي چنائون،
سـوڀاري تنهـن تـڙ جـو، پاڻي پيتائون،
جـڏهـن ڏڌائـون، تـه عـالـم آســودا ٿيـا.
مشهور عوامي شاعر حمل فقير لغاريءَ به ڪجهه معمائون چيون آهن.
’گر چيلو‘ يا ’گرو چيلي جا سوال جواب‘: ”هٽ يوگي“ يا ”جوڳي پنٿ“ طبقي جا فقير آڳاٽي وقت (اندازاً چوڏهين يا پندرهين صدي عيسوي) سنڌ ۾ آيا ۽ لسٻيلي ۾ هنگلاج کي پنهنجو تڪيو ۽ تيرٿ بنايائون. جوڳي پنٿ جو باني بابا مڇندرناٿ چيو وڃي ٿو ته آسام جو رهاڪو هو، پر بابا مڇندرناٿ جي چيلي، گرو گورکناٿ، ”جوڳي پنٿ“ کي وڌيڪ فروغ ڏنو. سنڌ ۾ ”گرو ۽ چيلي“ جو تخيل ”جوڳي پنٿ“ جي فقيرن جي آمد رفت سان رائج ٿيو. چيلو، گروءَ جي صحبت ۾ ويهي تعليم حاصل ڪندو هو، ۽ گرو سوالن ذريعي ڄڻ چيلي جو امتحان وٺندو هو. انهيءَ تخيل مطابق جوڳي پنٿ جي فقيرن جي روايتن ذريعي گروءَ جا چيلي کان پڇيل ڪي سوال سنڌ جي درويشن جي صحبتن ۾ رائج ٿيا، جن کان متاثر ٿي سنڌ جي سگهڙن پنهنجي رس رهاڻ خاطر گرو چيلي جا سوال جواب جوڙيا. گرو چيلي جي سوالن جوابن جو اصل موضوع غالباً ’جوڳ گيان‘ هو، پر سنڌ جي سگهڙن پنهنجي طرفان انهيءَ رس رهاڻ کي ’گرو چيلو‘ سڏيو، اها ڪچهري سگهڙن وٽ اڃا تائين هلندڙ آهي. رمضان واڍي، چاڪر خان ۽ لعلڻ خان لغاريءَ ۽ ٻين ڪيترن جا انهيءَ نهج ۽ نموني تي چيل بند ان تي شاهد آهن.