پروميٿيئس

پروميٿيئس PROMETHEUS (ديوتا): ڪائنات ۾ مٽيءَ مان قسمين قسمين جانورن جا بوتا ٺاهيندڙ ٽيٽن (Titan) خاندان جي هڪ ڏند ڪٿائي ديوتا لاءِ عقيدو هو تہ هن انسانن کي باھہ جي استعمال سان گڏ لکڻ پڙهڻ، حساب ڪتاب، نجوم ۽ طب جا علم سيکاريا ۽ جانورن جي پالنا ۽ استعمال جا طريقا سيکاريا.
روايتون آهن تہ: پروميٿيئس ديوتا جي پيءُ جو نالو اياپيٽز ۽ ماءُ جو نالو ٿيمي هو. ڪن روايتن ۾ اوشيانس جي ڌيءَ ڪلائي منيءَ کي سندس ماءُ ڄاڻايو ويو آهي. سندس ٽي ڀائر ائٽلس، مينوٽيس ۽ ايپيـميـٿس هئـا. پـروميـٿيـئس کي اٿيــنا ديويءَ، ستارن ۽ جوتش جو علم ڏنو، ان کان ســواءِ کـيــس ريـاضــي، جهازرانــي، طب ۽ ڌاتـن ٺـاهـڻ جي ڄاڻ سان نوازيو.
پروميٿيئس جيڪي بہ انسان جا بوتا ٺاهيا، تن جا مهانڊا ديوتائن جھڙا هئا. هو بوتا ٺاهي زيوس ديوتا کي ڏيکاريندو هو، پر ”فائنون“ نالي هڪ سھڻي ڇوڪر جو بوتو هن زيوس کي نہ ڏيکاريو، جنهن تي زيوس ديوتا مٿس ڪاوڙيو.
پروميٿيئس انسانن لاءِ باھہ جو رواج وڌو تہ جيئن اُهي رڌ پچاءُ ڪري سگهن، لوھہ پگهاري، ان مان هٿيار پنهوار ٺاهي سگهن ۽ ٻيا ڪم وٺن. ان ڪري هن هيفائسٽس جي ڌنوڻيءَ مان باھہ چورائي ماڻهن جي حوالي ڪئي، جيڪا ڳالھہ زيوس ديوتا کي پسند نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ زيوس ديوتا جو خيال هو تہ باھہ فقط ديوتائن لاءِ مخصوص آهي، جيڪا کيس سائڪلوپس جي ديوتائن وٽان سوکڙيءَ طور ملي هئي. ان ڪري هن پروميٿيئس سان گڏ سڀني انسانن کي بہ سخت سزا ڏيڻ جي رٿا بڻائي. هن سڀ کان اول، هيفـائــسٽس ديوتا کي هڪ ”عورت“ جو مجسـمو ٺـاهڻ جو حــڪــم ڏنو. هيفائسـٽس تہ شاه ڪاريگر هو. هن آلي مٽيءَ مان هڪ سھڻي ۾ سھڻي عورت جو مجسمو بڻايو، جنهن ۾ اٿينا ديويءَ ساھہ ڦوڪي زندگي وڌي. پوءِ سڀني ديوتائن ۽ ديوين کي سڏي اها ڪائنات جي پهرين عورت ڏيکاري وئي. زيوس ديوتا جي خواهش مطابق اٿينا ديويءَ دنيا جي ان پهرين عورت کي سُٽ مان سڳا ٺاهي، سٺا ۽ اوچا وڳا ويس اُڻڻ ۽ سئيءَ سان سبڻ جو هنر ڏنو. حسن، عشق ۽ جنسي ڪشش جي ديويءَ افروڊائيٽ اُن عورت کي سونو هار ۽ ٻانهن ۾ سونا ڪڙا وجهي اهڙو تہ سينگاريو، جو ڏسڻ سان هر مرد جي دل مٿس هرکي ٿي پئي. هرمز ديوتا ان عورت کي مٺو ڳالهائڻ ۽ زنانا ناز نـخـرا، ڊوھہ ۽ چالاڪـي سيکاري، دنيـا جـي ان پهرين عورت جو نالو ’پنڊورا‘
رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ”سوکڙين سان نوازيل“.ان کان پوءِ زيوس ديوتا جي حڪم تي هرمز ديوتا پنڊورا کي کڻي اچي ڌرتيءَ تي پروميٿيئس جي گهر پُڄايو. پنڊورا سان گڏ هڪ پيتي يا مٽ بہ لاٿو ويو، جيڪو کيس ڏاج ۾ ڏنو ويو هو. جنهن ۾ سڄي دنيا جون بڇڙايون، خرابيون، بيماريون، مصيبتون، عذاب ۽ ٻيا ڏُک سُور بند ٿيل هئا. پروميٿيئس ديوتا جي غير حاضريءَ سبب سندس بي سمجهہ ڀاءُ ايپيميٿئس، زيوس طرفان سوکڙي طور موڪليل اها عورت قبول ڪري، ساڻس شادي ڪئي. جيتوڻيڪ، پروميٿيئس پنھنجي ڀاءُ کي اڳ ۾ ئي سمجهائي ڇڏيو هو تہ زيوس ديوتا کان پاسو ڪري ۽ ان طرفان موڪليل ڪا بہ سوکڙي قبول نہ ڪري، پر هو تحفي ۾ مليل حسين عورت کي موٽائي نہ سگهيو. پنڊورا کي پاڻ بہ اها خبر نہ هئي تہ کيس ڏاج ۾ مليل پيتيءَ ۾ ڇا بند آهي. ان ڪري جيئن ئي هن پيتي کولي تہ سموريون بيماريون، بڇڙائيون ۽ خرابيون اُڏامي سڄي دنيا ۾ ڪاهي پيون ۽ انسان ذات کي وڪوڙي ويون. اهڙيءَ طرح، زيوس ديوتا، باھہ حاصل ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ انسانن کي اڻ کُٽ ۽ اذيتناڪ سزا ڏني.
ٻئي طرف انسانن تائين باھہ پهچائڻ جي ڏوھہ هيٺ زيوس ديوتا پروميٿيئس کي لوهي سنگهرن ۾ ٻڌائي، ڪوھہ قاف (جبل) جي چوٽيءَ تي ٽنگائي ڇڏيو، جتي زيوس ديوتا طرفان موڪليل هڪ ڳجهہ روزانو پروميٿيئس کي جيئرو پٽي کائيندي هئي. جيئن تہ پروميٿيئس ٽائٽن خاندان مان هئڻ ڪري ”لافاني“ هو، ان ڪري هن جو کاڌل گوشت ٻئي ڏينهن تي اوتري جو اوترو ٿي ويندو هو. نيٺ هرڪيوليس (هيراڪليز) ان ڳجهہ کي تير هڻي ماري، پروميٿيئس کي ڪوھہ قاف جي قيد مان آزاد ڪرايو.
هڪ ٻي روايت مطابق زيوس ديوتا، پروميٿيئس کي ان شرط تي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو تہ هو کيس سندس هڪ محبوبہ ”ٿيٽس جل پريءَ“ مان پيدا ٿيندڙ ٻار جي قوت بابت احوال ڏي. ابتدا ۾ پروميٿيئس زيوس ديوتا جي ڪا بہ ڳالھہ نہ ٻڌي ۽ ڪوھہ قاف تي ٽنگيو رهيو. ان تان ڪاوڙجي زيوس کيس پنھنجي وڄ ۽ گوڙ پيدا ڪندڙ لٺ وهائي ڪڍي، جنهن سبب پروميٿيئس ان جبل جي بُٺيءَ سميت وڃي پاتال ۾ ڪريو. نيٺ گهڻي وقت کان پوءِ هن زيوس جو شرط قبول ڪيو ۽ کيس ٻڌايو تہ ٿيٽس جل پريءَ مان پيدا ٿيندڙ ٻار کانئس بہ وڌيڪ سگهارو ٿيندو. اهڙيءَ طرح زيوس ديوتا جو اقتدار خطري ۾ پئجي ويندو. زيوس اهو ٻڌي ٿيٽس جل پريءَ جي هميشہ لاءِ پچر ڇڏي ڏني ۽ وعدي مطابق پروميٿيئس کي آزاد ڪري ڇڏيو. پنڊورا جي پيتيءَ مان نڪتل برايون ۽ بڇڙايون سڄيءَ دنيا ۾ ڪاهي پيون، ان ڪري زيوس ديوتا بہ فڪر ۾ پئجي ويو. جڏهن هو پاڻ ڌرتي ڏسڻ آيو تہ اتي آرڪاڊيا جي بادشاھہ کيس مهمانيءَ ۾ پنهنجو غلام ڪهي، ان جو گوشت کارايو. ان تي زيوس کي يقين ٿيو تہ دنيا ۾ بڇڙاين جي انتها ٿي وئي آهي، ان ڪري زيوس ديوتا انسان ذات کي ختم ڪرڻ لاءِ هن دنيا ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي ٻوڏ (پرلئه) آندي.
ان ٻوڏ کان اڳ پروميٿيئس جي چوڻ تي پٽس ڊيو ڪالين هڪ ٻيڙي ٺاهي اڳواٽ ان ۾ کاڌي پيتي جا انبار لڳائي ڇڏيا. پوءِ هڪ وڏو طوفان آيو ۽ وڏا مينهن وٺا، جنهنڪري سمنڊ پلٽي پيا ۽ هيءَ دنيا هڪ وڏي ٻوڏ هيٺ اچي وئي، جنهن ۾ سمورا انسان ختم ٿي ويا. پر ڊيوڪالين ۽ پائراھہ ٻئي زال مڙس بچي ويا ۽ 9 ڏينهن 9 راتيون پاڻيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ سندن ٻيڙي وڃي بارناسس جبل تي پهتي. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ پروميٿيئس يا ان جي ماءُ ٿيمس جي نصيحت تي ٻنهي (زال ۽ مڙس) پٿر اڇلايا، جن مان زالن ۽ مردن جو نئون انساني نسل پيدا ٿيو. اٽيڪا جي ملڪ ۾ ڪاريگرن جي ديوتا جي حيثيت ۾ پروميٿيئس جي پوڄا ڪئي ويندي هئي.
هي يوناني ڏند ڪٿا (Mythology) آهي، جنهن بابت دنيا ۾ ڪيترو ئي ادب سرجيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ بہ مُنير ماڻڪ هن موضوع تي ’پاتال ۾ بغاوت‘ ناوليٽ لکيو آهي.


لفظ پروميٿيئسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو