پرويز احمد کوکر

پرويز احمد کوکر: پرويز احمد ولد محمد شريف کوکر 17 جولاءِ 1962ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. جيڪب آباد مان ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حاصـل ڪـرڻ کان پـوءِ 1988ع ۾ ايڪنامڪس ۾ ايم. اي ۽ 1998ع ۾ بي. ايـڊ ڪيائين. 1984ع ۾ انٽر ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. آزاد خان لاشاري سندس استاد هو. 1993ع ۾ پينٽنگ جو دڪان کوليائين. هو پنھنجي استاد ’آزاد‘ جي عقيدت ۾ پاڻ کي ”اي. پرويز“ لکندو رهندو آهي. پرويز کوکر، پينسل ورڪ، آئل ورڪ، پوائنٽ ورڪ ۽ واٽر ورڪ پينٽنگ جو ماهر آهي، شاعر بہ آهي، شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد قاسم ”مخمور“ مڱريو هو. سنـڌ جي نامياري شاعر عبدالڪريم ’گـدائيءَ’ جي بھترين تصوير ٺاهڻ تي کيس نقد انعام ۽ اوارڊ مليل آهي. هو ڳـائـڻ وڄـائـڻ سـان بـه شـوق رکي ٿو. مـوسيـقيءَ ۾ خـالـد حسيـن سـومـرو سندس استاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.07.17  عيسوي

پرويز احمد ولد محمد شريف کوکر 17 جولاءِ 1962ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي محمد باقر راقم
محمد رفيق بلوچ
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
چنا زينت
فھميدہ شرف بلوچ
جلال الدين سيوطي
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
امير بخش فقير
ڀڳت چنديرام
عبدالله ملاح پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون