پرويز، غلام احمد: غلام احمد پرويز، قرآن جو مشهور مفسر ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1903ع تي بٽالا، ضلعي گرداسپور (هندستان) ۾جنم ورتو. سندس گهراڻو شريعت ۽ طريقت جو پابند هو. سندس ڏاڏو چوڌري رحيم بخش حنفي مسلڪ جو هڪ جيَد عالم ۽ چشتي سلسلي جو ممتاز بزرگ ٿي گذريو آهي. غلام محمد بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ هند سرڪار ۾ دهليءَ ۾ انڊر سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو. تحريڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ لڳاتار ڏهه سال قائداعظم جو خاص صلاحڪار رهيو ۽ قائداعظم جي هدايتن تي 1938ع ماهنامه ’طلوع اسلام‘ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. کيس علامه اسلم جيراجپوريءَ جي شاگرد هئڻ جو به شرف حاصل آهي. علامه اقبال کان ڪافي متاثر هو. 1955ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. قرآني آيتن جي عقلي ۽ سائنسي تشريح ڪرڻ تي ڪيترن ديني حلقن مٿس سخت تنقديون ڪيون. 4 جنوري 1985ع تي وفات ڪيائين.
سندس ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، جن مان ڪجهه لغات القرآن، طبويب القرآن، مفهوم القرآن، مطالب القرآن، ابليس و آدم، من ويزدان، جوءِ نور، برقِ طور، شعله مستور، معراج انسانيت، مقام حديث، اقبال اور قرآن، قرآني قوانين، خدا اور سرمائيدار مشهور آهن. سندس پوئلڳ پاڻ کي پرويزي سڏائيندا آهن.
پرويزي فڪر جا پوئلڳ پنجاب ۽ سنڌ ۾ به رهيا آهن.
1903.07.09 عيسوي
غلام احمد پرويز، قرآن جو مشهور مفسر ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1903ع تي بٽالا، ضلعي گرداسپور (هندستان) ۾جنم ورتو.