پرويز غلام احمد

پرويز، غلام احمد: غلام احمد پرويز، قرآن جو مشھور مفسر ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1903ع تي بٽالا، ضلعي گرداسپور (هندستان) ۾جنم ورتو. سندس گهراڻو شريعت ۽ طريقت جو پابند هو. سندس ڏاڏو چوڌري رحيم بخش حنفي مسلڪ جو هڪ جيَد عالم ۽ چشتي سلسلي جو ممتاز بزرگ ٿي گذريو آهي. غلام محمد بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ هند سرڪار ۾ دهليءَ ۾ انڊر سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو. تحريڪ پاڪستان جي سلسلي ۾ لڳاتار ڏھہ سال قائداعظم جو خاص صلاحڪار رهيو ۽ قائداعظم جي هدايتن تي 1938ع ماهنامه ’طلوع اسلام‘ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. کيس علامہ اسلم جيراجپوريءَ جي شاگرد هئڻ جو بہ شرف حاصل آهي. علامہ اقبال کان ڪافي متاثر هو. 1955ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. قرآني آيتن جي عقلي ۽ سائنسي تشريح ڪرڻ تي ڪيترن ديني حلقن مٿس سخت تنقديون ڪيون. 4 جنوري 1985ع تي وفات ڪيائين.
سندس ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، جن مان ڪجهہ لغات القرآن، طبويب القرآن، مفهوم القرآن، مطالب القرآن، ابليس و آدم، من ويزدان، جوءِ نور، برقِ طور، شعلہ مستور، معراج انسانيت، مقام حديث، اقبال اور قرآن، قرآني قوانين، خدا اور سرمائيدار مشھور آهن. سندس پوئلڳ پاڻ کي پرويزي سڏائيندا آهن.
پرويزي فڪر جا پوئلڳ پنجاب ۽ سنڌ ۾ بہ رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.07.09  عيسوي

غلام احمد پرويز، قرآن جو مشهور مفسر ٿي گذريو آهي. هن 9 جولاءِ 1903ع تي بٽالا، ضلعي گرداسپور (هندستان) ۾جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين بخاري ڪامريڊ
خواجہ خطير
چارلس اوليونٽ
خلجي گهراڻو
شھروز سبزواري
مير امام بخش خان ٽالپر
علي محمد رونجهو
عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان
ٻلديو گاجرا
بال ٺاڪري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون