پرويش شاهين

پرويش شاهين

پرويش شاهين

پرويش شاهين: ناميارو اديب ۽ اسڪالر محمد پرويش ولد محمود خان يوسف زئي، 12 آڪٽوبر 1944ع ۾ منگلو (سوات) ۾ ڄائو. ميٽرڪ هاءِ اسڪول مينگوره سوات مان 1960ع ڌاري ڪيائين. ايم. اي (تاريخ) 1967ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ، ايم. اي (پشتو)، ايم. اي (اردو) ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) ڪيائين. هو پشتو، فارسي، اردو، ڪوهستاني، گاروي، تووالي، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين تي مهارت رکي ٿو.
1970ع ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول پشاور جو پرنسپال مقرر ٿيو. گنڌارا تھذيب ۽ ٻڌ ڌرم جهڙن موضوعن تي ڪافي ڪم ڪيو اٿس. پاڪستان جي سمورين يونيورسٽين ۾ ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جي شاگردن جي تحقيق ۾ رهنمائي ڪندو رهيو آهي ۽ تاريخ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. ڪيترن ئي انگريز اسڪالرن سان گڏجي تحقيق جو ڪم ڪيو اٿس. سنڌو ماٿريءَ جي ٻولين بابت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ٿيندڙ مختلف ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ ٻڌمت جي قديمي اثارن ۽ گوتم ٻڌ جي بتن جي شدت پسندن طرفان ڀڃڻ خلاف آواز اٿارڻ تي کيس پڻ تشدد جو نشانو بنايو ويو، پر هوپنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي حفاظت لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو. هن ستين ڪلاس کان لکڻ شروع ڪيو. سندس مضمون ۽ مقالا مـخـتـلـف رسـالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپبا رهندا آهن.
پرويـش شاهيـن جي ڪتابن مان ڪن جو تفصيل هيٺ ڏجـي ٿو: (1) دَسوات گُلونه (پشتو: 1987ع)، (2) دَپختونخوا گلونه (پشتو: 1988ع)، (3) دَپختنو زاون زواک (پشتو: 1989ع)، (4) گل وريني سوڪي (پشتو: 1990ع)، (5) سوات دَ سردرو وطن (پشتو: 1990ع)، (6) پختانه اَويوشتمه پـيـڙئـي (پـشـتـو: 1991ع)، (7) دَپختـنـو نـسـلـي تاريخ (پشتو: 2000ع)، (8) دَ پختو خط تاريخ (پشتو: 2000ع)، (9) دَ پختو زب تاريخ (پشتو: 2001ع)، (10) دَ سوات اُليسي تاريخ (پشتو: 2002ع)، (11) دَ سوات تـاريخ دتـپـو پـه رناڪـي (پشتو: 2002ع)، (12) دَ سوات تاريخ چاربيـتـه په رنـاڪـي (پشتو: 2002ع)، (13) ســوات: مـشـرق ڪا سوئيـٽـزرليـنـڊ، (14) اباسين ڪوهستان، (15) سوات ڪوهستان، (16) دير ڪوهســتـان، (17) ڪالام ڪوهستان، (18)ڪالام سي ڪافرستان تڪ، (19) ڪافرستان (تاريخ، لوگ، سياحت، ثقافت، رسم و رواج)،(20) ڪافرستان مين پاڪ اورنا پاڪ ڪا تصور، (21) هنزه (شمالي علاقه جات)، (22) اسڪردو (شمالي علاقه جات)، (23) مظفر آباد سي شاردا تڪ، (24) پشتو اور ڪــوهـستــاني زبـانــون ڪــي لسـاني روابع، (25) تاريخ رياست سوات، (26) چترال ۽ (27) مساگا وغيرہ. ان کانسواءِ ڪيترين زبانن جي لسانيات (Linguistics) تي ٻاهرين ملڪن جي اسڪالرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ پرويش شاهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.10.12  عيسوي

ناميارو اديب ۽ اسڪالر محمد پرويش ولد محمود خان يوسف زئي، 12 آڪٽوبر 1944ع ۾ منگلو (سوات) ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندر ڪيسواڻي
خالد آزاد
بادام ناتوان
لڇمڻ ڀنڀاڻي
ريٽا شھاڻي
زاهده تاج ابڙو
عبدالجبار عاجز منگي
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
پوسٽنس ٿامس
سليم ميمڻ پروفيسر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون