پرو چانڊيو (فلم): هيءَ رنگين سنڌي فلم 18 سيپٽمبر 1987ع تي بلونا فلمز پروجيڪٽ رليز ڪئي. هن فلم جو هدايتڪار شاھہ اسد، پروڊيوسر مظفر حسين ۽ موسيقار فيروز گل هئا. فلم ۾ منصور بلوچ، ريٽا، نور محمد لاشاري، مشتاق چنگيزي، شھناز اڪمل، شھزادي لعل ڪمار، انور سولنگي، انجمن، طالش ۽ سپنا اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشين سئنيما ڪراچي، ڪوهنور سئنيما حيدرآباد، پيراڊائز سئنيما سکر، قلو پطره سئنيما لاڙڪاڻي، تاج محل سئنيما دادو، ڪاڪ محل سئنيما موري، شمس سئنيما نوشهري فيروز، تصوير محل ميرپورخاص، ريڪس شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم، سھڻي سئنيما خيرپور ناٿن شاھہ، رشنا ميلوڊي سئنيما نوابشاھہ، فيض سئنيما شهدادپور، ڪيپري سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ پردي تي پيش ٿي. هن فلم ۾ پرو ڌاڙيل جو ڪردار منصور بلوچ ڪيو. هي فلم پنھنجي وقت جي نهايت ئي مقبول فلم ثابت ٿي. هن فلم ۾ ڌاڙيل پرو چانڊئي جي ڌاڙيل ٿيڻ پويان پوليس ۽ وڏيرن جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي.