پريان لوءِ پِريالو

پريان لوءِ/ پِريالو: تعلقي خيرپور جي هڪ ديھہ ۽ مشھور شهر، جتي مشھور بزرگ ۽ ولي مخدوم محمد اسماعيل جي مزار آهي. اصل ۾ هيءُ ڳوٺ ”پريا“ ذات جي ماڻهن جي نالي پٺيان ”پريالوءِ“ سڏبو هو. پير سائين پاڳارو محمد راشد روضي ڌڻي، پير ڳوٺ کان پڙهڻ لاءِ مخدوم محمد اسماعيل وٽ ايندو هو تہ پاڻ چوندو هو تہ: ”آءٌ ’پريان لوءِ‘ (پرينءَ جي ڳوٺ) ٿو وڃان.“ پاڻ پنھنجي استاد مخدوم محمد اسماعيل کي ادب ۽ محبت وچان ”پرين“ چوندا هئا، ان ڪري ’پريا لوءِ‘، ”پريان لوءِ“ سڏجڻ لڳو.
پريان لوءِ هڪ قديم شھر آهي. هتي جي جامع مسجد جي پهرين تعمير 600ھہ/1203ع ۾ ٿي. هن شھر ۾ ماڻهو مذهبي آهن. هن شھر ۾ 25 مسجدون ديوبندي مسلڪ وارن جون، ٻہ مسجدون شيعا مسلڪ وارن جون ۽ هڪ مسجد بريلوي مسلڪ وارن جي آهي. هتي ڪافي بزرگن جون مزارون آهن، جن ۾ مخدوم محمد اسماعيل کان سواءِ پير شاھہ حسين، صالح سوائي شاھہ، پير حاجي جمال (جيڪو مخدوم اسماعيل جو مرشد هو) سيد حاجي شاھہ، لال چوهڙ، حضرت حاجي پٺاڻ وغيرہ شامل آهن، پر سڀ کان مشھور بزرگ حضرت مخدوم محمد اسماعيل آهي، جيڪو ذات جو جوڻيجو هو ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. اُن جي مزار ۽ مسجد جي تازي تعمير موجودہ پير صاحب پاڳاري ڪرائي آهي. مزار ۽ مسجد جي ڀرسان ڪجهہ سال اڳ ابوظهبيءَ جي حڪمران زيد بن سلطان هڪ مسافر خانو بہ تعمير ڪرايو هو، پريان لوءِ ۾ ابوظهبيءَ جي حڪمران شيخ زيد بن سلطان جو هڪ محل ۽ هڪ وڏو باغ بہ موجود آهي، جنهن ۾ ڪافي ميويدار وڻ آهن. ابو ظهبيءَ جا حڪمران هتي هر سال گهمڻ ايندا آهن. هي شھر باغن جي ڪري گهڻو مشھور آهي. ڪيلا، انب ۽ کجيون هتان جي بھترين پيداوار آهي. مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو جنم بہ پريان لوءِ لڳ، ڳوٺ ”ديواني“ ۾ ٿيو هو. اهڙيءَ طرح الرا جاگير جو سيد محمد علي شاھہ کنڀرن وارو، جنهن هارين ۾ سجاڳي آندي هئي، ان جو تعلق بہ پريان لوءِ سان رهيو. ٻين ڪيترين ئي شخصيتن جو تعلق بہ پريان لوءِ سان رهيو. هاڻوڪي ويجهي دؤر ۾ مشھور شخصيتن ۾: نثار احمد صديقي اڳوڻو ڪمشنر سکر ڊويزن، ارباب حاجي غلام مرتضيٰ ڌاريجو، ڊاڪٽر چمن لال ڌوميجا، نور احمد ميمڻ (چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي)، مولانا غلام محمد ميمڻ مشھور عالم دين، استاد گل حسن لوهر، مشھور شاعر، سجاد ميراڻي ۽ شڪيل پريالوي، نامور فنڪار سرمد سنڌي، سندس ڀاءُ احمد مغل ۽ مخدوم بشير احمد شامل آهن. پريان لوءِ ۾ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول، الفلاح پبلڪ
اسڪول، مهراڻ پبلڪ اسڪول، ارسلان پبلڪ اسڪول، مدرسھ تعليم الدين، مدرسھ ارشاد القرآن، مدرسھ ارشاد الفرقان ۽ ٻيا ننڍا وڏا تعليمي ادارا آهن. هتي جي آبادي ڏهن هزارن کان مٿي آهي. هتي سُوسين جو سٺو واپار هلندو آهي. پريان لوءِ جي باشندن جو گهڻو واسطو درگاھہ هاليجي شريف، درگاھہ پير جو ڳوٺ ۽ درگاھہ ٻير شريف سان آهي. هتي هندو آباديءَ جا بہ گهڻا مندر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو