پريتم پياسي

پريتم پياسي: پريتم ولد منگهارام ميگهواڙ، 8 نومبر 1965ع تي ڳوٺ نور محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ لطف علي دل مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان صوفي فقير مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪيائين. 1980ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. شاعريءَ جي اصلاح معمور يوسفاڻيءَ کان وٺندو هو. هن ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن. مارئي جي حسب نسب لکڻ تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان کيس پهريون انعام ڏنو ويو. بزم ادب صوفي فقير جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. پنهنجي اداري طرفان مختلف اديبن جا اٺ ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ’پير پٿورو‘، ’تذڪره شعراءِ تعلقو سامارو‘، ’گهمن سنگهه ناٽڪ‘، ’ديوان پريتم‘، ’ٻيجهي ڪي ني ٻــوليــو‘ (شاعري)، ’تاريخ ميگهه رک‘، ٿرپارڪر جون ڌرمي ڪهاڻيون‘، ’ٿر جون پـراڻيـون ڪهاڻيون‘، ’ڀٽ ڌڻيءَ جا مرد ڪردار‘، ’ڀٽ ڌڻيءَ جي ٿري لغت‘، اوڏڪي سنڌي لغت ۽ ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ’ٻهروپيو‘ شامل آهن.


لفظ پريتم پياسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.11.08  عيسوي

پريتم ولد منگهارام ميگهواڙ، 8 نومبر 1965ع تي ڳوٺ نور محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي رحيم بخش ميمڻ
جارج اسٽيفنسن
رام شرن شرما
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
پرڀارام سنت
قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم
شير شاهه سوري
رڻمل جاڙيجو
بحر وڇاڻي
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون