پريتم ڀڳت

پريتم ڀڳت: پريتم ڍالومل پارواڻي 8 جولاءِ 1934ع تي خيرپور سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو. هن جو تعلق ڀڳتن جي خاندان سان هو. سندس وڏا پڻ ان فن ۽ ڪلا سان لاڳاپيل هئا. پريتم لوڪ، سادو ۽ آرٽ جو شيدائي انسان هو. هندستان ۾ هوندي پريتم سنڌي لوڪ موسيقيءَ جي ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. 1975ع کان 1990ع تائين لوڪ گيتن جا ڇھہ واليم ’A.I.R‘ (ايئر انڊيا ريڊيو) جي ذريعي سنڌي موسيقيءَ کي ارپيائين. هو ’A.I.R‘ طرفان رجسٽرڊ ۽ مڃيل آرٽسٽ هو. هن ڪيترن ئي موقعن تي مختلف جشن ۾ سنڌي شائقن کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. سندس فني عظمت کي ڏسندي هندستان جي ڪيترين پنچائتن ۽ ائسوسيئيشنس کيس مختلف اعزازن ۽ اوارڊن سان نوازيو. هن کي پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچرل سينٽر ممبئي ۽ سهجپور سنڌي پنچائت احمد آباد طرفان گولڊ ميڊل ۽ مختلف اعزاز ڏنا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.07.08  عيسوي

پريتم ڍالومل پارواڻي 8 جولاءِ 1934ع تي خيرپور سنڌ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملڪ محسن علي خاصخيلي
قاضي اياز مھيسر
غلام علي قاضي
حاجي علي انور کوکر
رحيم بخش بدوي
چارلي نور محمد
پير ميان غلام مجدد
چانڊيو رئوف
اندو شاهاڻي
شاھہ وردي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون