پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي

پريـم پارڪـري/ پـارو مل ”پريمي“: پارو مل پٽ پُرکــو مل ڪولهـي، ’ پريم پارڪريءَ‘ جي نالي سان مشھور هو. هن آگسٽ 1929ع تي ٽنڊي جان محمد، تعلقي ڊگهڙِيءَ ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ ورنيڪيولر فائنل ۽ 1968ع ۾ انٽر (پرائيويٽ) امتحان پاس ڪيائين. پرائمري ماستر رهيو ۽ پرائمري ماستر طور ئي رٽائر ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر، فنڪار ۽ سياستدان طور آهي. بهتر ڪارڪردگيءَ سبب کيس انعام بہ مليا. سنڌالاجيءَ جي ميوزيم لاءِ ڪولهين ۽ ٿر جي ٻين ذاتين جا ثقافتي ڪپڙا ۽ ٿانوَ جمع ڪرائڻ سبب کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ بہ مليو. ڪولهي برادريءَ ۽ پارڪر تي مضمون بہ لکيا اٿس، جيڪي ’جاڳرتا‘ رسالي ۾ ڇپيا سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ’لوڪ ساگر جا موتي‘، ’لوڪ مالها جا موتي‘ ۽ ’سنگيت وديا‘ شامل آهن. ان کان علاوہ تحقيقي ڪم سان بہ خاص دلچسپي رکندو هو. پراڻن کنڊرن تي ڳولا، سِڪا، ڪر ۽ پٿر گڏ ڪرڻ سندس ذوق ۾ شامل هوندو هو. هو پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بہ رهيو. 2006ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري رسمون ڪنريءَ ۾ ادا ڪيون ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو