پريل فقير ”پينار“: پريل فقير ذات جو ڀيل هو. سندس وڏا اصل ۾ رياست خيرپورميرس جا ويٺل هئا. سندس جنم ڳوٺ سدا واھہ ۾ 1911ع ۾ ٿيو. پريل فقير جي پيءُ جو نالو چڀڙ فقير هو، هو ديوان تاراچند جي خواهش تي 1918ع ۾ لڏي اچي ”ٻيراڻي“ شھر ۾ ويٺو. جتي 1919ع ۾ کيس پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو. جتان هن 1927ع ۾ فائنل پاس ڪئي.
پريل فقير 1930ع کان درزڪو ڪم شروع ڪيو. هن ننڍپڻ کان ئي درويشن جي صحبت ۾ رهي فقيري رستو اختيار ڪيو. هو منٺار فقير راڄڙ جي معرفت مخدوم غلام محمد هالن واري جو مريد ٿيو. 1933ع ۾ سڄي هندستان جو سير ڪيائين. 1937ع ۾ ٻيراڻيءَ مان لڏي کپري ڀرسان ڳوٺ جلال راڄڙ ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ ڳاهن جي ڳوٺ ديھہ اوڪر ۾ رهيو. 1941ع جو سال کپري شھر ۾ گذاريائين پر حُرن واري مارشل لا سبب وري اچي ٻيراڻي شھر ۾ ويٺو، جتي 1949ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ منٺار فقير راڄڙ جي مزار ڀرسان آهي.
پريل فقير جو پيءُ چڀڙ فقير هڪ سٺو ڳائڻو هو. هن پنھنجي پيءُ کان ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو فن سکيو. هن جو منٺار فقير سان بيحد قرب هو. ان ڪري کيس پنهنجو استاد مڃيندو هو. هن درويشن جي صحبت ۾ رهي فقيري اختيار ڪرڻ کانپوءِ جلد ئي شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ تخلص ”پينار“ ۽ ”پريل“ ٻئي استعمال ڪندو هو. هن سنڌ جي گهڻن ئي نالي وارن اميرن ۽ پيرن جي سامهون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. هن پنھنجي شاعري راڳ جي سُرن ۽ تار جي لحاظ کان ترتيب ڏني آهي. تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ميٺاڄ آهي. سندس شاعريءَ ۾ نعتيه ڪلام، ڪافيون، بيت ۽ ٽيھہ اکريون ملن ٿيون. ان کان سواءِ سرائيڪي، اردو ۽ هنديءَ ۾ بہ سندس ڪلام موجود آهي.