پريمي موهن لعل

’پريمي‘ موهن لعل: موهن لعل ’پريمي‘ ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين جنوري 1963ع تي ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (اردو) ۽ ايم. فل (اردو) آهي. گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. 100 کن تحقيقي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيا اٿس. سچل سرمست جي اردو شاعريءَ تي ايم. فل ڪئي اٿس، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. ”سچل سرمست ڪِي اردو شاعري“ (2004ع) ڪتاب ڇپيل اٿس، جڏهن ته (1) سچل سرمست ڪِي اردو اور فارسي شاعري، (2) ادبي گل (چونڊ مقالا) ۽ (3) شاهه ۽ سچل (ترتيب) ڇپائيءَ هيٺ اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.01  عيسوي

موهن لعل ’پريمي‘ ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين جنوري 1963ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوهر بروهي
شير خواجه
پير شاهه ڪوثر
جلال سيد
شاهه حبيب
پاٽائي شيخ معروف
عبدالقدير خان ڊاڪٽر
ثريا سوز ڏيپلائي
سيد موٽيل شاهه سبزواري
جيسپرز ڪارل ٿيوڊور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون