پريمچند ڪيولرام شهاڻي

پريمچند ڪيولرام شهاڻي

پريمچند ڪيولرام شھاڻي

پريمچند ڪيولرام شھاڻي (پي ڪي شھاڻي): سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ديوان پريمچند ڪيولرام شھاڻي 1939ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. ڪراچيءَ ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد انگلنڊ هليو ويو، جتان چارٽرڊ اڪائونٽنگ ۽ زراعت ۾ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪيائين. سندس خاندان سماجي خدمتن جي حوالي سان مشھور رهيو آهي. تعليم جي ترقي ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ سندن خاندان جو اهم ڪردار ادا رهيو آهي. ديوان پريمچند، اسڪول واري دور کان وٺي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. اڳتي هلي انگلنڊ مان تعليم حاصل ڪري واپس اچڻ بعد سياست ۾ حصو ورتائين. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور حڪومت ۾ پهرين صوبائي اسيمبليءَ ۽ پوءِ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1975ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو زراعت کاتي بابت صلاحڪار رهيو. هن پارليامينٽ سان لاڳاپي دوران سنڌ جي ترقي ۽ عام ڀلي جا ڪيترائي ڪم ڪرايا. انساني حقن واري تنظيم سان پڻ گهڻي عرصي تائين وابستہ رهيو. ديوان پريمچند برهمو سماج جو حامي هو. انساني حقن واري اداري جي پليٽ فارم تان توڙي ذاتي زندگيءَ ۾ عورتن جي حقن لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريائين ۽ عورتن جي شعوري سجاڳيءَ توڙي سندن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪيائين. ديوان پريمچند مالي پاليسين بابت ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. پي. ڪي. شهاڻيءَ نومبر 2002ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو