پريم موٽواڻي: ڀارتي سنڌي اداڪار پريم موٽواڻي اسٽيج توڙي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاريءَ ذريعي شھرت ماڻي. هي سنڌي، هندي، انگريزي، بِهاري، نيپالي ۽ ڀوڄپوري وغيرہ ٻوليون ڄاڻي ٿو. الهاس نگر ۾ ريسٽورنٽ بہ هلائي ٿو. اداڪاريءَ تي هن ڪيترا اوارڊ حاصل ڪيا آهن. هن سنڌي ڊرامن: گستاخي معاف، شابس چندو لال، مڪان ۽ مسواڙي، سنڌ ٿي سڏي، ڪنوارن ڪيو ڪمال وغيرہ ۾ اداڪاري ڪئي آهي. ان کانسواءِ هن هندي ڊرامن، ’دس ڪا نوٽ‘، ’ڊائل ايم فار مرڊر‘، ’ايڪ فلمي لڙڪي‘ ۽ ’ديوياني ڪا ڪهنا‘ وغيرہ ۾ بہ ڪم ڪيو. پريم موٽواڻي، هندي فلمن: ’مجبور‘، ’وردي والا‘ ۽ ’بليڪ ٽائيگر‘ وغيرہ ۾ اداڪاري ڪئي آهي.