پريم چند منشي

پريم چند، منشي: اردو ۽ هنديءَ جو مشھور ڪهاڻيڪار، منشي پريم چند 31 جولاءِ 1880ع ۾ بنارس کان چار ميل پري ”لمحي“ نالي ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڪائسٽ خاندان جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصلي نالو ڌنپت راءِ هو. جڏهن تہ سندس والد جو نالو عجائب لال هو، جيڪو ڊاڪ منشي ٽپالي هو. هن جي ماءُ جو نالو آنندي ديوي هو، جيڪا هڪ سگهڙ عورت هئي. سندس ڏاڏو گرسهاءِ لعل تپيدار هو. سندن ڪٽنب ڪافي وڏو هو، پر وٽن رڳو 6 ويسا زمين هئي. پريم چند جو ننڍپڻ ڳوٺ ۾ گذريو. لمحي ڳوٺ ۾ ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهہ عرصو ڳوٺ جي مولويءَ وٽ فارسي ۽ اردو سکيو. پريم چند جڏهن اٺين درجي ۾ پڙهندو هو تہ سندس ماءُ گذاري وئي. ٻن سالن کانپوءِ سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي ۽ سندس زندگيءَ ۾ ماٽيلي ماءُ داخل ٿي. ماءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ پريم چند جي زندگيءَ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو، ان کي سندس ماٽيلي ماءُ ڀري نہ سگهي.
هن کي ننڍي هوندي قصن ڪهاڻين پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. هن بنارس جي ڪاليجئيٽ اسڪول مان 15 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، تڏهن والد جي وفات کان پوءِ هن تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي.
1900ع ۾ بهرائچ جي سرڪاري ضلعي اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو ۽ سندس پگهار 20 روپيا هئي. ڪجهہ مهينن کان پوءِ سندس بدلي پرتاب ڳڙھہ ۾ ٿي، جتان وري کيس ماستريءَ جي ٽريننگ لاءِ الھہ آباد موڪليو ويو. بعد ۾ کيس الھہ آباد ماڊل اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ کيس جلد ئي گورنمينٽ اسڪول ڪانپور ڏانهن موڪليو ويو. اهي سال سندس ادبي ميدان ۾ سِکيا جا سال هئا.
1901ع کان پريم چند جي ادبي زندگيءَ جي شروعات ٿي. ڪانپور ۾ رهندي هن جي رسالي ”زمانه“ جي ايڊيٽر منشي ديا نارائڻ سان ويجهڙائي پيدا ٿي، جيڪو سندس زندگيءَ ڀر جو دوست ٿي رهيو. هن ملازمت دوران ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون نواب راءِ جي نالي سان لکيون، جڏهن سرڪار سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”سوز وطن“ کي ضبط ڪيو، تہ هن نواب راءِ جو نقلي نالو ختم ڪري پريم چند جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيو.
پريم چند جو پهريون ناول ”اسر معابد“ بنارس جي هڪ اردو هفتيوار اخبار ”آواز خلق“ ۾ آڪٽوبر 1903ع کان وٺي فيبروري 1905ع تائين قسطن ۾ ڇپيو. هن ناول ۾ پنڊتن ۽ پروهتن جي ڪُڌن ڪمن جو مبالغي ڀريل بيان آهي. هن جو ٻيو نالو ”هم خرمه و هم ثواب“ هنديءَ ۾ ”پريمه“ جي سري هيٺ 1907ع ۾ انڊين پريس الھہ آباد ۾ ڇپيو. جنهن تي ليکڪ جو نالو نواب راءِ بنارسي ڏنل آهي. هن ناول ذريعي پريم چند ڌرمي ڪٽرپڻي جي خلاف جدوجھد ڪئي آهي. سندس ٻيو اوائلي ناول ”ڪرشنا“ پڻ ساڳئي سال ڇپيو هو. پريم چند پهرين شادي 15 سالن جي عمر ۾ ڪئي، جيڪا پوري طرح ناڪامياب رهي. جڏهن تہ سندس ٻي شادي ڪامياب رهي، جيڪا هن 1906ع ۾ هڪ بيواھہ سان ڪئي.
مئي 1905ع کان جون 1909ع تائين هيءُ ڪانپور ۾ رهيو. هن سياسي سرگرمين ۾ بہ حصو ورتو ۽ ”زمانه“ ۾ لکندو بہ رهيو. پريم چند تلڪ مهراج جو حامي هو ۽ سندس دوست ديا نارائڻ ”گوڪلي“ ۽ ”سر فيروز شاھہ“ جو حامي هو. ٻئي ڪانگريسي هئا.
پريم چند جي پهرين ڪهاڻي ”دنيا ڪا سب سي انمول رتن“ 1907ع ۾ شايع ٿي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”سوز وطن“ 1908ع ۾ شايع ٿيو هو، جيڪو بعد ۾ ضبط ٿيو هو. پريم چند سرڪاري نوڪري دوران ڪافي تڪليفون ڏٺيون ۽ بار بار نوڪري ڇڏڻ لاءِ آمادہ ٿيندو رهيو، پر معاشي مجبورين سبب نوڪري نہ ڇڏي سگهيو. هن پنھنجي ادبي زندگيءَ جي پهرين دور ۾ وچتر ۽ ڪرامتي ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ هن سماجي ۽ قومي مسئلن تي لکڻ شروع ڪيو. 1912ع ۾ هن جون نئون ناول ”جلوہ آبشار“ نواب راءِ جي نالي سان ڇپيو، جيڪو بعد ۾ هنديءَ ۾ ”وردان“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. 18 آگسٽ 1916ع تي هيءُ گورڪ پور ۾ ”نارمل اسڪول“ ۾ نائب مقرر ٿيو. جتي هاسٽل جو سپرنٽينڊنٽ پڻ ٿيو. هن ان دوران شيخ سعديءَ تي هڪ ننڍو ڪتاب لکيائين ۽ ٽالسٽاءِ جون ننڍيون ڪهاڻيون هنديءَ ۾ ترجمو ڪيون ۽ هنديءَ بہ پريم پچيسيءَ جون ڪهاڻيون آندائين. سندس هندي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”پست سورج“ جي نالي سان شايع ٿيو. هن جي ٻين ناولن ۾: (1) ”سيوا سون“، (2) ”گوشه عافيت“ ناول هن 1918ع ۽ 1920ع ڌاري لکيا. هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”بازارِ حُسن“ تمام مشھور آهي.
هن مهاتما گانڌيءَ جي ستياگرھہ هلچل کان متاثر ٿي، 15 فيبروري 1921ع تي سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏني. هيءُ گانڌي واري ويچارن جي پرچار ڪندو رهيو. ڪجهہ وقت لاءِ بنارس ۽ لمحي ۾ وڃي رهيو، پر ماٽيجي ماءُ ۽ زال جي جهڳڙن جي ڪري ڪانپور ۾ مارواڙي اسڪول ۾ هيڊ ماستري اچي ڪيائين، پر اتان بہ 22 فيبروري 1922ع ۾ استيعفا ڏئي بنارس واپس آيو. اتي ”مرياده مخزن“ ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو هو، ۽ ”آج“ اخبار لاءِ لکندو هو. هن ڪيترا ناٽڪل لکيا، جن ۾ ”سنگرام ۽ ڪربلا“ اهم آهن. منشي پريم چند قومي آزادي، هندو مسلم اتحاد ۽ غريب طبقي جو حامي هو.
هندي ۽ اردو ناول نويسين ۾ پريم چند جو مقام نهايت اوچو آهي. هن پنهنجن ٻارنهن ناولن ۽ ٽي سؤ ڪهاڻين لاءِ ڪچو مال ”ڪنند ڀارت“ جي زندگيءَ مان ورتو. سندس ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ ڀارت جي هارين جي دردناڪ حالتن جي عڪاسي ڪيل آهي. هن ٽالسٽاءِ، گالسوردي، سعدي، موپاسان کي هنديءَ ۾ ترجمو ڪيو. گورڪيءَ کان متاثر هو ۽ کيس هنديءَ جو گورڪي سڏيندا هئا.
پريم چند ڌرتيءَ جو سچو سپوت هو. ابتدا ۾ گانڌيءَ جو حامي هو، ۽ آخري زندگيءَ ۾ نهرو جي ويجهو رهيو. هن جي سوچ غير فرقيوارانه هئي. ترقي پسند اردو اديبن، هن جي لکڻين مان وڏو اتساھہ پرايو. هنديءَ ۾ سماجي ۽ سياسي ناولن جو جنم داتا هو. هن 1936ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.07.31  عيسوي

اردو ۽ هنديءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، منشي پريم چند 31 جولاءِ 1880ع ۾ بنارس کان چار ميل پري ”لمحي“ نالي ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڪائسٽ خاندان جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ لاڏ جيو پاٽائي
بابا گوبند داس
جوڌا ٻائي
جمن دربدر
رابعہ قزداري
عبدالحسين جعفري
ڀڳت موهن
جان ﷲ شاھہ رضوي
اديب انقلابي
تيمور لنگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون