پرين پالاري

پرين پالاري: پرين پالاري نامور دنبوري نواز ٿي گذريو آهي. هيءُ بنيادي طور مالوند هئڻ باوجود خانہ بدوش هو. سندس والد رتو پالاري بہ مشھور دنبوري نواز هو. هن دنبوري وڄائڻ جي سکيا پنھنجي والد کان ورتي. جڏهن تہ رڌم، راڳ ۽ لئہ جي سکيا سچل درس کان ورتائين. هن پنھنجي ليکي دنبوري تي ڪيترائي ڪامياب تجربا ڪيا. هن دنبوري جي ٽن تارن کي وڌائي سرگم جي حساب سان ست سر ۽ ٽي وڌيڪ سر ملائي ڏھہ سر لڳائي ڳائڻ جو تجربو ڪرڻ سميت معذوري، سامونڊي، ڪوهستاني لهرا ۽ راڳڻيون دنبوري تي ڳائڻ جو بہ تجربو ڪيو. فقيراڻي طبيعت سبب فقط ڳوٺاڻين محفلن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو.


لفظ پرين پالاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو