پريوگ: گرامر جو اصطلاح، علم نحو موجب فعل جي اها حالت، جنهن مان خبر پوي ته فعل، فاعل سان ٿو مٽجي يا مفعول سان، يا نڪي فاعل سان ٿو مٽجي ۽ نڪي مفعول سان، پر بلڪل آزاد آهي. فعل جي انهيءَ حالت کي پريوگ چئجي ٿو. پريوگ جا ٽي قسم آهن: ڪرتري پريوگ، ڪرمڻي پريوگ ۽ ڀاوي پريوگ. مثال طور: (1) ڪو به فعل جڏهن پنهنجي فاعل پٽاندر عدد، جنس ۽ حالت ۾ مٽجي، تڏهن ان جو پريوگ ”ڪرتري“ چئبو. مثال طور:
گهوڙو ڊوڙي ٿو
گهوڙا ڊوڙن ٿا (عدد)
گهوڙي ڊوڙي ٿي
گهوڙيون ڊوڙن ٿيون (جنس)
(2) ڪو به فعل جڏهن پنهنجي اصلوڪي مفعول پٽاندر عدد، جنس ۽ حالت ۾ مٽجي، تڏهن ان جو پريوگ ’ڪرمڻي‘ چئجي ٿو، جيئن:
نوڪر دلي ڀڳي
نوڪر دليون ڀڳيون (جنس)
هن دلو ڀڳو
هن دلا ڀڳا
هتي فعل مفعول پٽاندر عدد ۽ جنس ۾ مٽجي ٿو. تنهنڪري هيءَ ’ڪرمڻي پريوگ‘ چئبو.
(3) ڪو به فعل جڏهن نڪي فاعل، نڪي مفعول پٽاندر عدد ۽ جنس ۾ مٽجي، پر سڀني هنڌن تي ضمير، واحد، غائب مذڪر جي صورت ۾ بيٺو هجي، تڏهن ان فعل کي ’ڀاوي پريوگ‘ چئبو آهي. مثال طور:
پينگهي ۾ لڏجي ٿو.
پينگهي ۾ لڏبو آهي.
هن پريوگ ۾ فعل پنهنجو سُڀاءُ يا ذاتي حالت ڏيکاري ٿو.