پرِيڊي، ايڇ. ڊبليو (Preedy, H. W): ڪئپٽن ايڇ. ڊبليو پريڊي، ڪراچيءَ جو پهريون ڪليڪٽر هو. 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ کي ٽِن ڪليڪٽوريٽ (ضلعن) ۾ ورهايو. شڪارپور ۾ گولڊني، حيدرآباد ۾ رئٿبورن ۽ ڪراچيءَ ۾ ايڇ. ڊبليو. پريڊي کي ڪليڪٽر مقرر ڪيو. هيءُ ڪراچيءَ ۾ 1847ع کان اپريل 1857ع تائين 10 سال ڪليڪٽر رهيو. هي اهو دؤر آهي، جڏهن سنڌ جو پهريون ڪمشنر پرئنگل مقرر ٿيو، بعد ۾ سر بارٽل فريئر جي ايامڪاريءَ ۾ ڪليڪٽر پريڊي ڪراچيءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ مثالي خدمتون ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا. انهيءَ جي ثابتي ان ڳالھہ مان ملي ٿي تہ سندس بدلي ٿيڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ پريڊي اسٽريٽ، پريڊي روڊ، پريڊي ٿاڻو ۽ پريڊي ڪوارٽرز نالي چار يادگار قائم ٿيا.