پرٿوي راج چوهاڻ: راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ، دهليءَ ۽ اجمير جو آخري هندو راجا هو. جيڪو ’راءِ پتورا‘ جي نالي سان بہ مشھور هو. هن جي بهادريءَ جا قصا اتر هندستان ۾ مشھور آهن. 1191ع ۾ هن محمد غوريءَ کي تراوڙي جي ميدان تي شڪست ڏني هئي، پر 1192ع ۾ محمد غوريءَ کيس شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. پرٿوي راج ۽ سميڪتا جو قصو مشھور آهي، جنهن کي پوءِ جي هندي شاعرن عشقيہ ۽ سورهيائيءَ جي قصي طور ڳايو. هندي ۽ گجراتي ادب ۾ هن بابت گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي. ”پرٿوي راج راسو“ اهڙي ئي هڪ تصنيف آهي. ڪجهہ عرصو اڳ هڪ هندستاني نجي ٽي. ويءَ تان پرٿوي راج جي زندگيءَ تي هڪ ڊرامو پڻ نشر ٿيو هو.