پرڀداس ويرواڻي

پرڀداس ويرواڻي: پرڀداس ويرواڻي مشھور قومي ڪارڪن ۽ تعليمدان ٿي گذريو آهي. هن 3 اپريل 1900ع تي هالاڻيءَ ۾ جنم ورتو. هو ڪنڊياري ۾ رهندو هو ۽ اُتي هاءِ اسڪول ۾ اُستاد هو. قومي خيالن جو هو ۽ قومي هلچلن ۾ خاموش ڪارڪن طور حصو وٺندو هو. ورهاڱي کان پوءِ اجمير ۾ اچي رهيو ۽ مهاتما گانڌي ودياليله ۾ ماستري ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ تعليمي ۽ سماجي ڳالهين ۾ سندس چاھہ قائم رهيو. ڪجهہ وقت لاءِ سڌار سڀا جي ”بُڪ بئنڪ“ جو سيڪريٽري ۽ ڪستور ٻاناري پاٺشالا اسڪول جو مئنيجر رهيو.


لفظ پرڀداس ويرواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.04.03  عيسوي

پرڀداس ويرواڻي 3 اپريل 1900ع تي هالاڻيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جروار نذير احمد ڊاڪٽر
سعيد خان چغته
پروانو سيوهاڻي
تاج محمد رضائي
شاهد آفريدي
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو
فاطمہ زهريٰ قاضي
ڄاموٽ سيد حسن علي
الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ
ٽانٽن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون