ڊاڪٽر پرڌان روپچند

ڊاڪٽر پرڌان روپچند

پرڌان روپچند ڊاڪٽر

پرڌان روپچند، ڊاڪٽر: اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر پرڌان ولد روپچند سوٽھڙ 13 جون 1944ع تي ڳوٺ مھڪي جي تڙ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. هاءِ اسڪول ڇاڇري مان 1964ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پاٽويون شھر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 1966ع ۾ شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر ۽ 1969ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر پرڌان لکڻ جي شروعات 1964ع ۾ مئٽرڪ دوران ڪئي. سندس ٻه ڪتابسون سريکيون ساروڻيون” (آتم ڪٿا: 2010ع) ۽ “جيڪي مون سکيو ۽ لکيو” (خاڪا: 2012ع) ڇپيل آهن. ان کان سواءِ سندس ڪھاڻيون، ترجما ۽ شاعري ‘همدرد’، ‘لطيف مئگزين’، ‘لياقت مئگزين’، ‘سرت مئگزين’ (ڪراچي)، ‘عبرت مئگزين’، ‘مھراڻ’، ‘امرتا’ ۽ ‘جاڳرتا ’ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن ڪيترا ئي سال ٽنڊي الھيار ۾ پنھنجي خانگي اسپتال هلائي. 23 مئي 2023ع تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.13  عيسوي

ڊاڪٽر پرڌان ولد روپچند، ذات جو سوٽهڙ آهي. هن 13 جون 1944ع تي ڳوٺ مهڪي جي تڙ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.


2023.05.23  عيسوي

ڊاڪٽر پرڌان روپچند 23 مئي 2023ع تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد پريل سومرو
اثير عبدالقادر شاهواڻي
حاجي شاد راڄڙ
بهاول خان عباسي4
راحت ڪاظمي
جينت ريلواڻي
ٽاڊ جيمس
ڀيو ڪوڙا خان
عثمان ٻرڙو
پونجراج مل ڪيسراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون