پرکڻ: هيءَ ٿر ۾ هندن توڙي مسلمانن ۾ شاديءَ جي هڪ رسم آهي. هندن ۾ شاديءَ جي موقعي تي جڏهن گهوٽ پهريون دفعو ساهراڻي گهر ’تورڻ‘ تي اچي بيهندو آهي (ڏسو: تورڻ، جلد ٻيو)، ان موقعي تي گهوٽ جي سَس هڪ ٿالهيءَ ۾ ڄار جي وڻ جون سنهيون ڪاٺيون کوڙي، انهن جا مٿيان ڇيڙا پاڻ ۾ ملائي، ان ۾ ڌاڳي جو هڪ ڳوٽو ۽ پيالو رکي، پيالي ۾ ڪرمچي رنگ ڳاري پرکڻ جي رسم ادا ڪرڻ ايندي آهي. ان وقت پنڊت منتر پڙهي سس جي ساڄي هٿ جي رنگ ۾ ٻوڙيل چيچ سان گهوٽ جي نَڪ تي ٽِيلو (تِلڪ) ڏياريندو آهي. ان موقعي تي پنج ڇهه عورتون گڏجي گيت ڳائينديون آهن. جنهن کي ’پرکڻ جو گيت‘ چئبو آهي:
لاڏو مـاءُ رو پيارو، لاڏو ٻيهن رو پيـارو،
تــورڻ چــڙهـيـو لاڏو، هـڙئه هـڙئه پـرک.
[لاڏو ماءُ جو پيارو، لاڏو ڀيڻ جو پيارو، لاڏو تورڻ تي آيو آهي. آهستي آهستي پرک.]
وڏي هنسي واري، هڙئه هڙئه پرک،وڏي بولي واري، هڙئه هڙئه پرک،
وڏي ڪنٺي واري، هڙئه هڙئه پرک.
[وڏي هنس واري، وڏي بُوليءَ واري، وڏي ڪـنٺي واري، آهسـتي آهسـتي پرک.]