
دادي پرڪاش مڻي
پرڪاش مڻي، دادي: دادي پرڪاش مڻيءَ جو اصلي نالو، رما گوپالداس هاٿيراماڻي هو، پر مشھور دادي پرڪاش مڻيءَ جي نالي سان ٿي. هن حيدرآباد سنڌ ۾ 1 جولاءِ 1922ع تي گوپالداس جي گهر جنم ورتو. دادا ليکراج سنڌ ۾ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ اوم منڊليءَ جو پايو وڌو هو، جيڪا ورهاڱي کان پوءَ اراولي ٽڪـريـن- مائونٽ آبو شھر ۾ ”برهمڪاري ايشوري وشو ودياليه“ جي روپ ۾ تبديل ٿي. دادا پنھنجي حياتيءَ ۾ هن ودياليه جي واڳ دادي پرڪاش مڻيءَ جي هٿن ۾ ڏني. 19 جنوري 1989ع کان پڇاڙيءَ تائين 28 سال داديءَ ان کي سنڀاليو. دنيا جي 130 ملڪن ۾ پنھنجي تنظيم جون 8500 شاخون برپا ڪيائين. دنيا جي عالمن کان داد حاصل ڪيائين. اقوام متحدہ هن جماعت کي غير سرڪاري اداري طور 1985ع ۾ تسليم ڪيو ۽ 1987ع ۾ داديءَ کي ”شانتي دوت“ جي لقب سان نوازيو. 1992ع ۾ موهن لعل سُکاڙيا يونيورسٽي- راجسٿان پاران کيس آنرري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني ويئي. 1992ع ۾ کيس انٽرنيشنل اوارڊ بہ ڏنو ويو.
شروعات ۾ 1951ع ۾ هن ”وِشوَ ڌرم سميلن“ (International Religious Seminar) جپان ۾ حصو ورتو، جتان ٿائلينڊ، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، سينگاپور، ملائيشيا، سريلنڪا جو ڇھن مهينن جو دؤرو ۽ برهمڪماري آشرم جو امن پيغام پکيڙيائين.هن اٽڪل اٺن لکن ماڻهن کي سندن نالن سان تنظيم سان جوڙي ڇڏيو. هن بخوبي ڄاتو ٿي تہ ڪوبه بنيادي ٿنڀو گهڻو بار برداشت نہ ڪري سگهندو، ان ڪري هن سنڌ ڄائيءَ پنھنجي عقل، علم، معلومات، نوڙت ۽ نهٺائيءَ سان تنظيم کي چوڌاري پکيڙي، جدا جدا ڀينرن کي جــوابداريـون سـونپي ڏنيون، جن جي عوام ۾ ڏاهـيـن - ڏات ڌيـاڻيـن ۽ جاکوڙين طور مڃتا ۽ مقبوليت آهي. هاڻي دادي جانڪي (1916ع ۾ سنڌ حيدرآباد ۾ ڄاول، جنهن دادي پرڪاش مڻيءَ سان گڏ دادا ليکراج جي ٻاريءَ ۾ قدم رکيو هو)، واڳ سنڀالي آهي. يو اين او تائين تنظيم کي پهچائڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار آهي. دادي پرڪاش مڻيءَ جي مزاج ۾ اٿاھہ نرمي، گفتگو ۾ ميٺاج، بلند پايي جو اخلاق، شرافت ۽ مروت مثالي رهيا آهن. کيس ٻڌڻ مھل ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا. هر ڪو پاڻ ڏانهن حُب محسوس ڪندو هو. ماءُ پيٽان حاصل ٿيل سنڌي ٻوليءَ کي بہ هن ڪونه وساريو. لنڊن ۾ ٿيل سنڌي سيمينارن ۾ هن سريچند هندو جا سان گڏ جوت جلائي، مائونٽ ابو ۾ هن اُلهاسنگر وارن لاءِ جدا وقت ڪڍي خاص ملاقات ڪئي. سندن خدمتن لاءِ سنڌي سماج کي سدائين فخر مند رهندو. دادي پرڪاش مڻي 25 آگسٽ 2007ع تي لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس انتم سنسڪار مائونٽ آبو، راجسٿان ۾ ٿيو.
1922.07.01 عيسوي
دادي پرڪاش مڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ 1 جولاءِ 1922ع تي گوپالداس جي گھر جنم ورتو.
2007.08.25 عيسوي
دادي پرڪاش مڻي 25 آگسٽ 2007ع تي لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس انتم سنسڪار مائونٽ آبو، راجسٿان ۾ ٿيو.