پرڻ

پُرڻ: پرڻ تعلقي موري جو مشھور ڳوٺ آهي، جيڪو ديھہ ڪوٽ ستابي ۾ آباد آهي. هن ڳوٺ ۾ رهندڙن جو تعداد 2000 کن ٿيندو. هتي پرائمري ۽ مڊل اسڪول موجود آهن. مشھور عوامي شاعر سيد سليمان شاھہ ولد سيد محمد شاھہ لڪياري، اصل ڳوٺ پرڻ جو ويٺل هو. جتان پوءِ لڏي تعلقي نوشهري فيروز جي ڳوٺ ”بودلي ڏاهري“ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سندس مرشد سيد حزب شاھہ راشدي پاڳارو (1255ھہ-1308ھہ) ساڻس ناراض ٿيو تہ هيءَ مشھور ڪافي چيائين:
ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان،
ڏس ڪو ڏانءُ!
جيڪا ڪنور ڀڳت ڳائي مشھور ڪئي. پُرڻ سان هڪ پهاڪو مشھور آهي تہ ”چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي.“ هن پهاڪي جو پس منظر اهو آهي تہ ڌاڙيل چنيجن جي ڳوٺ کي ڦرڻ جي ارادي سان نڪتا، پر رات وڳڙي ۾ ڀُلجي وڃي پُرڻ نڪتا ۽ ڳوٺ وارن کي ڦري دنگ ڪيائون تہ کين خبر پئي تہ هي ڳوٺ چنيجن جو نہ پر پُرڻ آهي، اُن تي اهو پهاڪو مشھور ٿيو.


لفظ پرڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو