پسوپتي

پسوپتي

پسوپتي

پسوپتي/پشوپتي (Pasupati ):سنڌو سڀيتا جي ڪن ڀاڱن جي قديم ماڳن مان کوٽاين دوران لڌل مهرن تي ”پسوپتي“ جي تصوير ٺهيل ملي آهي. لفظ پسوپتيءَ جي معنيٰ ”جهنگلي جيوَت جو خدا“ آهي. انهيءَ مهر تي هڪ انسان اُڪريل آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ مختلف جانور بيٺل آهن ۽ ويٺل انسان يوگا جي آسڻ ۾ ڏسجي ٿو. پسوپتي، دراوڙي مذهب وارن جو عوامي خدا تصور ڪيو ويو. پوءِ واري دؤر (Post urban phase) ۾ هن جي تصوير شِوَ جي مختلف وصفن جو مرڪب قرار ڏني وئي. ڪٿي ڪٿي پسوپتي اڌ عورت ۽ اڌ مرد جي شڪل ۾ به آهي. اهو ئي اوم ۽ اُما ۽ شو ۽ شڪتي آهي. جيڪا شايد آدم حوا جي تصور سان مشابهه ڄاڻايل آهي ۽ ٻنهي مان انسان ذات جي مختلف نسلن جنم ورتو.

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جا ٻئي بنيادي نگران ماهر آرڪيالاجسٽ، سر جان مارشل ۽ ارنيسٽ ميڪئي پنهنجن مشهور ڪتابن ۾ مهرن تي ڪن تصويرن کي شِو بصورت پسوپتي Lord of the beasts، طور ڄاڻايو آهي. A. L. Basham پنهنجي ڪتاب The wonder that was India; 1993 ۾ به ساڳيءَ ريت پسوپتي ۽ شِوَ کي ساڳي صورت سمجهي ٿو. لفظ پسو جون مختلف وقتن تي ٿوريون مختلف معنائون ڪيل آهن. مثال طور: پسو: جانور، پاليل جانور، جهنگلي جانور، مشابهت طور بعضي ماڻهن جهڙي معنيٰ به ڏني وئي آهي. هڪ ٻئي Rudra رُدر نالي ويدي ديوتا کي ڪن هنڌن تي Pasupati ڪري لکيو ويو آهي. هي ديوتا به پوءِ اڪثر ڪري شو جي ذات ۾ سمايو ويو. ڏکڻ هندستان ۾ شِوَ/ پسوپتي جي پوڄا عام آهي ۽ ديوتا کي چار ٻانهون ڏيکاريون ويون آهن. پهرين سان آشيرواد ڏيندي، ٻئي کليل هٿ سان دان ڏيندي، ٽئين هٿ ۾ ڪهاڙي ۽ چوٿين هٿ جي آڱرين مان هرڻ ڦٽندي ڏيکاريو وڃي ٿو. مشهور آرڪيالاجسٽ Mark Kenoyer شو يا پسوپتيءَ کي عراقي مهرن تي چٽيل مشهور ڪردار Gilgamesh ۽ ان جي ساٿي Enkidu سان به ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي ٻئي ديوتا شينهن، جهنگلي مينهن، ڍڳي، ڇاگ، مانس، اڌ ٻڪر يا ڍڳي ۽ اڌ ماڻهوءَ يا ڪن ٻين جهنگلي جانورن سان مقابلو ڪندي ڏيکاريل آهن. ماهرن مان ڪن جو خيال آهي ته هي روپ سنڌو کان Mesopotamia يا وري عراق کان سنڌو پهتو هوندو. ڪيئن به هجي پسوپتيءَ جو شِو وارو روپ هن وقت هندو ديوتائن جي سٿ جو مقبول ۽ وڏو ديوتا آهي. جنهن جا ٻيا به ڪيترائي روپ آهن.

پسوپتيءَ جا پوڄاري پشو پوٽا (Pashu Patars) سڏجن ٿا. پسوپتيءَ جي پوڄا سنڌ ۾ اسلام کان اڳ رواج هيٺ هئي ۽ ان پوڄا جا آثار 12 هين صدي عيسويءَ تائين به ڪن ماڳن تان ملن ٿا. سڀ کان اول پسوپتيءَ جي مهر جان مارشل کي موهين جي دڙي مان ملي. هن مهر تي پسوپتيءَ کي ”هٿ يوگا“ نموني ويٺل ڏسيو ويو آهي، جنهن کي ٽي مُنهن ڀاسجن ٿا. لنگم جا نشان چٽا اٿس. سندس مٿي تي ڍڳي جا وڏا سڱ ڏيکاريل آهن. جڏهن ته چوڌاري جانور بيٺل آهن. دراوڙي دور ۾ هي ديوتا ”جانورن جو رکوالو“ ڪري پوڄيو ويندو هو. پشو، شِوَ (Shiva) جو پراڻي ۾ پراڻو روپ آهي. جان مارشل جي لڌل مهر تي چيتي جي تصوير کان سواءِ ڪن ٻين جانورن جون تصويرن به آهن. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهي تصويرون مختلف قبيلن جي نشاني (Totem) طور ڏنل آهن.

چيني سياح هو سيانگ 642هه ۾ سنڌ گهمندي 273 مندرن کي ڏٺو هو. جن مان 37 مندر مختلف مذهبي ماڻهن جا هئا، هڪ مندر ملتان ۾ هو ۽ باقي سنڌ ۾ موجود 235 مندر پسوپتيءَ جا هئا، جتي شِوَ جي پوڄا ٿيندي هئي، جنهن مان به سنڌ ۾ پسوپتيءَ جي اثر جي خبر پوي ٿي.

ڪي قديم آثارن جا ماهر پسوپتيءَ واري نڪته نظر کي، جيڪو سر جان مارشل پيش ڪيو هو، نٿا مڃين ته اهو ڪو دراوڙي دور سان واسطي وارو ’رودرا‘ (Rudra) ديوتا آهي. سندن چوڻ آهي ته اهو ڪو جوڳي آهي، جيڪو سنياس پچائي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته موهين جي دڙي جا ڪي ماڻهو ان وقت ’يوگي‘ هجن.


لفظ پسوپتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو