پُسڪرڻ/ پشڪرڻ: ٿر ۾ رهندڙ برهمڻن جي نُک. ڪتاب ”شاهان گوجر“ صفحي 172 تي ڄاڻايل آهي تہ پشڪرڻ/ پشڪرڪڻ، گوجر نسل جا برهمڻ آهن. گور برهمڻ، ناگر برهمڻ ۽ مير برهمڻ بہ هنن جا عزيز آهن. (وڌيڪ ڏسو: ’پشڪرڻا برهمڻ‘).