پشپا ڀاوناڻي: سنڌي گائڪا ۽ اداڪارہ پشپا ڀاوناڻي، 7 آگسٽ 1939ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. اداڪارہ ۽ هدايتڪار طور درجنين سنڌي، هندي ۽ گروالي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيائين. سندس مشھور ناٽڪن ۾ ’مڪان خالي آهي‘، ’امي ۽ ممي‘، ’ڏس ناڻي جا رنگ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. گائڪا طور سون جي تعداد ۾ گيت ڪمپوز ڪيائين. سنڌي ناٽڪ ’کٽي آيو خير سان‘ ۾ موسيقي ڏنائين آل انڊيا ريڊيئي ۽ ٽي ويءَ تان پڻ پروگرام پيش ڪيائين. پشپا هن وقت نئين دهليءَ ۾ رهي ٿي.