پشڪرڻا: پشڪرڻا ڀاٽين جي هڪ ذات آهي، هنن کي پشڪرڻا/ پوڪرڻا برهمڻ به چوندا آهن، مذهبي عقيدي جي نسبت سان هي وشنو جا پوڄاري آهن. هنن لاءِ مشهور آهي ته هنن پاران ماس کائڻ کان انڪار ڪرڻ تي پارورتيءَ کين پاراتو ڏنو ۽ هي جيسلمير کان سنڌ ۽ ڪڇ، ملتان ۽ پنجاب ڏانهن هليا ويا ۽ هينئر تائين نه ماس کائين ۽ نه شراب واپرائين. هنن بابت هرڪشن جوتشي ڄاڻائي ٿو ته هي شريمالي برهمڻن جي شاخ آهن، ته وري ٻئي پاسي ڪڇ تار ۽ اسمتا موجب پشڪرڻا پشڪر تيرٿ جا رهواسي هئا ۽ هو 15هين صديءَ ۾ گجرات آيا. هي اصل ۾ سنڌ جا رهواسي آهن ۽ سنڌ ۾ هنن جون پشڪرڻا ۽ ڪڇي پشڪرڻا نالي ٻه شاخون آهن.
پشڪرڻا برهمڻ پنهنجي نالي پٺيان عموماً داس، رام چند، راءِ مل وغيره ڳنڍيندا آهن ۽ هنن جي خاص ڪرت پتريون ٺاهڻ، ڪريا ڪرم ڪرڻ ۽ ڌرمي سکيا هوندي آهي. هنن جي خاص سڃاڻپ ڳاڙهي پڳڙي آهي، جيڪا هو عموماً پائيندا آهن. هنن جون 24 نُکون آهن. جن مان ٿر ۾ هي پذير آهن: آجارچ، جوشي، وياس، ڪٻٽا، ميڙاهو، مانڌو، ٽڪر، مپاوا، واسو، وياسڙا ۽ جهوٽا وغيره. هي برهمڻ ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ رهن ٿا. پشڪرڻا برهمڻن مان مهاراج شيام داس جوشي مٺيءَ وارو وڏو وِدوان شخص آهي.