پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر (Pushkin, Aleksandr): مشھور روسي شاعر ۽ مصنف پشڪن اليگزينڊر 1799ع ۾ ڄائو. هن رزميه ۽ غنائي نظمن، ڊرامن، ناولن ۽ افسانن ذريعي پنھنجي زبان جي ادب جو بنياد رکيو. هن ماسڪو جي اعليٰ خاندان ۾ جنم ورتو ۽ پنھنجي پڙ ڏاڏي هيني بال تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪندو هو، جيڪو پيٽراعظم جو جرنيل هو. پشڪن Tsarskoye Selo (هاڻوڪي پشڪن) جي امپريل لائسيم ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي شاعراڻا جوهر ڏيکارڻ لڳو. 1817ع ۾ هن کي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ نوڪري ملي، جتي کيس سماجي زندگيءَ کي سمجهڻ، ان ۾ شامل ٿيڻ ۽ هڪ انقلابي گروپ سان واسطا رکڻ جو موقعو مليو.
1820ع ۾ هن جو نظم ‘Ode to Liberty’ حاڪمن جي توجھہ جو مرڪز بڻيو ۽ هن کي ڪافقاز ۾ جلاوطن ڪيو ويو، بهرحال هو سرڪاري عهدي تي برقرار رهيو. ان سال پشڪن پنهنجو طويل نظم ‘Ruslan and Ludmila’ شايع ڪيو، جيڪو لوڪ داستان تي مشتمل هو، ان نظم جي ذريعي هو روس جي مشهـور شاعـرن ۾ ڳـڻـجڻ لڳـو. مٿس لارڊ بائرن جو اثر بہ نظر اچي ٿو. هن مشھور ڪتاب ‘Eugene Onegin’ 1823ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي پهريون عظيم روسي ناول سمجهيو وڃي ٿو. هي شاعراڻو ناول 1831ع کان اڳ مڪمل نہ ٿي سگهيو. 1823ع ۾ اوڊيسا منتقل ٿيڻ تي پشڪن هڪ آفيسر جي شديد ناپسنديدگيءَ جو نشانو بڻيو. ٻئي اڳئين سال هن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪري بسڪوف لڳ پنھنجي ماءُ جي جاگير ڏانهن موڪليو ويو. اتي هن شيڪسپيئري روايت ۾ هڪ روسي تاريخي ٽريجڊي ‘Boris Godunov’ (25-1824ع) لکي، جيڪا ڇھن سالن کانپوءِ شايع ٿي.
ان کان سواءِ هڪ تاريخي ناول ‘The Captains Daughter’ (1836ع) بہ لکيائين. هن جي افسانن مان ‘The Queen of Spades’ گهڻو مشھور آهي. پشڪن هڪ ڊيوئل (هڪ قسم جي ويڙھہ) ۾ رسيل زخمن سبب 1837ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو