پَـرَ: ڪجهه جاندار اڏامڻ جي سگهه رکندا آهن، جيئن جيت، چمڙا ۽ پکي، انهن ٽنهي جاندارن مان صرف پکي اهڙو جاندار آهي، جيڪو مضبوط ۽ تکن پرن (Wings) سبب اڏامڻ جي سگهه رکي ٿو، سندن اڏام جي تکي ۽ مضبوط اڏام جو راز صرف پرن جي نموني يا جوڙ ۾ رکيل آهي. پر کنڀن جو مجموعو آهن، جيڪي هلڪا، مضبوط ۽ لچڪيدار ٿيندا آهن، ساڳئي وقت اڳيان کان پٺتي ڪجهه مڙيل به ٿين ٿا، انهيءَ موڙ سبب پر هوا کي جهلڻ لائق ٿيو پون، جيئن هوائي جهاز ۾ هوندو آهي ۽ جهاز وانگر کيس هوا ۾ اڳتي ڌڪيندا آهن، پکين جا پر سندن ماحول، جاگرافي، طبعي ۽ حياتياتي سببن ڪري مختلف نمونن ۽ رنگن جا ٿين ٿا، پکيءَ جي پرن ۾ ايتري سگهه ٿئي ٿي، جو اهي نه رڳو پکيءَ جو بار کڻن ٿا، پر ساڳئي وقت پکي، جيڪڏهن ڪو کاڌو يا ٻيو ننڍو وڏو ثمر کڻي ٿو ته ان کي به کڻڻ جي قوت رکن ٿا، پرواز دوران پر نه صرف هوا کي پٺيان ۽ هيٺ اڇلائيندا آهن، پر پکين ۾ پرواز جي سگهه به پيدا ڪندا آهن. بنيادي طور پرن ۾ ٻن قسمن جا کنڀ لڳل آهن. هڪڙا ٻاهريان کنڀ، ٻيا اندريان کنڀ (Down Feather) ٿيندا آهن. هيٺيان پر ننڍا ۽ نرم ٿيندا آهن، جيڪي مختلف ڊيگهه ۽ ويڪر جا پَرن جي هڏيءَ ۾ مختلف هنڌن تي لڳل ٿين ٿا ۽ مختلف وقتن تي مختلف ڪمن لاءِ کلن ۾ بند ٿين ٿا، پَر ۾ هيٺيون هڏيون هونديون آهن، (1) پهرين آڱر (First Finger)، (2) ٻي آڱر (Second Finger)، (3) ڪَرائيءَ جو هڏو ((Wrist bone، (4) آڱوٺو (Thumb)، (5) اڳين هڏي (Fore arm bone) ۽ (6) پر جو اڳين هڏيءَ جو حصو.
انساني هڏيءَ کان پَر ٿورو ئي مختلف ٿئي ٿو، جيڪو هيٺ ڄاڻايل تصوير مان ظاهر ٿيندو.
پکي پَرن سان نه صرف وڏو سفر طئه ڪري سگهن ٿا، پر کنڀن جي مخصوص بناوت سبب ڪيترو وقت هوا ۾ هڪ هنڌ بيهي سگهن ٿا، ڪيترين حالتن ۾ دشمن کي هوا ۾ گوهويون ڏئي، ان کان ڀڄي جان بچائي سگهن ٿا.
پکين جا اڪثر قسم سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پراڻا کنڀ ڇاڻي ڇڏيندا آهن، جن جي جاءِ تي نوان کنڀ نڪرندا آهن. نر ۽ مادي پکين جي پرن جي کنڀ جو رنگ اڪثر مختلف ٿيندو آهي. جنهن مان سندن سڃاڻپ ٿيندي.