
پَـنِ
پَـنِ (Reed Mace): هڪ قسـم جو گاھہ آهي، جيڪو بيٺـل پاڻـيءَ ۾ اُڀرندو آهي. هي گاھہ سڌن، اُڀن ۽ نرم ڪانن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. پنِ گهڻو ڪري ڍنڍن ۽ ساريال پوک ۾ ٿيندي آهي. سنڌ ۾ پَنِ، ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ ڪوڙي پن، ٻي سچي پن. ڪوڙي پن کي ’سنڌي ول‘ يا ’سنڌڻ‘ بہ چوندا آهن. هن ڪوڙي پن جو قد سچي پن کان ننڍو ٿيندو آهي. سچي پن کي ’ريڻ‘ بہ سڏيندا آهن. اها گهڻو ڪري ڍنڍن ڍورن، آلاڻ ۽ سم تي ٿئي. هن جو قد 12 فوٽن کان بہ ڪڏهن ڪڏهن مٿي ٿيندو آهي. پن جي تيلن مٿان ’سنگ‘ يا ’سٽو‘ (ٻج) نڪري، جنهن جي مٿئين حصي مان پيلي ۽ ڦڪي رنگ جو سفوف يا ٻُورو ملي ٿو. جنهن مان ٻُوري يا ’ٻوراڻي‘ ٺاهي ويندي آهي. ان کي ماڻهو سٽي ڪُٽي ڪپھہ جي جاءِ تي ويهاڻن وغيرہ ۾ استعمال ڪندا آهن. جهنگراڙ، پن جي ڪچڙي پاڙ ’گوپ‘ وڏي چاھہ سان کائيندا آهن. پَنِ آگسٽ کان جنوري تائين ڦوھہ جوانيءَ ۾ هوندي آهي. پکائي پن مان پکا، تڏا، تئونرا، پينگها وغيرہ ٺاهيندا آهن.
پَـنِ جي ٻوٽـن ۾ سـر جي ڪانن وانگر ڪانا ٿيندا آهن، پر سَرَ ۾ گُريون ٿينديون آهن ۽ پَن ۾ گريون نہ ٿينديون آهن، پر اُن جا ڪانا سڌا، اُڀا ۽ نرم ٿيندا آهن، جيڪي سُڪڻ کان پوءِ ڪارسري- سليٽي رنگ جا ٿي ويندا آهن. پن جي ٻوٽن جي پنن مان تؤنريون ۽ پکا ٺهندا آهن. تؤنريون نرم انهيءَ ڪري ٿينديون آهن، جو هن گاھہ جا سنها پوپا چپجي گهاٽا ٿي ويندا آهن، تنهنڪري تؤنريون گهاٽي اڻڻ سبب بہ نرم ٿينديون آهن، جيڪي وڇائڻ، ويهڻ يا سُمهڻ وقت آرام ڏينديون آهن. ڍنڍن جي ڪپن تي رهندڙن جو وڇاڻو ئي ڄڻ تہ تؤنري آهي. پن جا ڪانا نرم تہ ٿيندا آهن، پر انهن ۾ پاڻيءَ جي ڇول سھڻ جي قوت گهڻي هوندي آهي. لانڍين جون پترون، مَنهَن جي ڇت تي وڇاڻو بہ پن جي ڪانن جو سٺو ٺهندو آهي. پن جي ڪانن مان تُرها بہ ٺاهيندا آهن.
هن ٻوٽي جو سنگ ڪانهن وانگر ڪمائتو ٿيندو آهي. ڪانهن جي سنگن مان ٻُوھہ نڪرندو آهي تہ پَنِ جي سنگ مان بہ ٻُور نڪرندو آهي، جيڪو پيلي رنگ جو اٽي وانگر ٿيندو آهي. ماڻهو اهو ٻور گڏ ڪري، ان ۾ کنڊ، ڪشمش، ڊاکون ۽ ڦوٽا وجهي، موڙيون ٻڌي ٻاڦ تي اوٻاريندا تہ عجيب قسم جي ذائقيدار خوراڪ ٺھي پوندي آهي. جيڪا پاڻ بہ کائيندا آهن تہ سوکڙيءَ طور بہ ڏياري موڪليندا آهن. انهيءَ خوراڪ کي ٻُوري ۽ ’ٻوراڻي‘ چوندا آهن، جيڪا شهرن ۾ بہ وڪرو ٿيندي آهي. پَن جو ٻوٽو سڄي ساريال ايراضيءَ ۾ سنڌ اندر ٿيندو آهي.