پَلَئُه: پلاند، جهولي، دامن، ڪپڙي جو ڇيڙو. ’پلئه‘ شاديءَ جي هڪ رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي ريٽي ۽ ڪنوار جي پوتيءَ جو پلاند هڪٻئي سان ٻڌا ويندا آهن. ’پلئه ڏيڻ‘ شاديءَ جو به اصطلاح آهي، جنهن موجب ماءُ يا ڀيڻ گهوٽ کي رئي يا پوتيءَ جو پلئه ڏيندي آهي.
’پلئه وجهڻ‘ اصطلاح جي معنيٰ منٿ ڪرڻ، ننگ ۽ واسطا وجهي آزي نيزاري ڪرڻ آهي.
پلئه لاهڻ، ڪورين جي اصطلاح ۾ سڄي تاڃي/ٽي تاڪيا اُڻي لاهڻ کي چئبو آهي. ’پلئه‘، کجيءَ جو اصطلاح به آهي، جنهن جو مطلب ڏوڪا لاهي، ڪپڙي ۾ صاف ڪرڻ آهي.
’پلئه لڳڻ‘ عام طور ڪنهن تي وهنوار لڳڻ، ڪنهن تي حساب ڪتاب باقي هئڻ جي معنيٰ ڏيندڙ اصطلاح به آهي.
’پلئه‘ ۽ ’پلاند‘ ٻئي لفظ بدلي وٺڻ ۽ عيوض وٺڻ جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيندا آهن. ملاکڙي جي اصطلاح موجب وهنوار ڏيڻ يعني جنهن ملهه کي هڪ ڀيرو ماري وڃجي، تنهن سان وري جوڙو ڪرڻ به پلئه يا پلاند ڏيڻ طور ڪم ايندو .
پلئه يا پلاند وٺڻ ڪنهن جهيڙي يا قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ به ڪم ايندو آهي. خاص ڪري قبائلي سوچ جا ماڻهو پلاند ۾ يقين رکندا آهن ۽ چوندا آهن ”پلاند پراڻا نه ٿيندا آهن“ ان ۾ ماڻهو مارڻ جھڙو ڪيس به هنن وٽ پلاند يا پلئه ۾ شمار ٿيندو آهي.