پَلَئُه: پلاند، جهولي، دامن، ڪپڙي جو ڇيڙو. ’پلئہ‘ شاديءَ جي هڪ رسم آهي، جنهن ۾ گهوٽ جي ريٽي ۽ ڪنوار جي پوتيءَ جو پلاند هڪٻئي سان ٻڌا ويندا آهن. ’پلئہ ڏيڻ‘ شاديءَ جو بہ اصطلاح آهي، جنهن موجب ماءُ يا ڀيڻ گهوٽ کي رئي يا پوتيءَ جو پلئہ ڏيندي آهي.
’پلئہ وجهڻ‘ اصطلاح جي معنيٰ منٿ ڪرڻ، ننگ ۽ واسطا وجهي آزي نيزاري ڪرڻ آهي.
پلئہ لاهڻ، ڪورين جي اصطلاح ۾ سڄي تاڃي/ٽي تاڪيا اُڻي لاهڻ کي چئبو آهي. ’پلئہ‘، کجيءَ جو اصطلاح بہ آهي، جنهن جو مطلب ڏوڪا لاهي، ڪپڙي ۾ صاف ڪرڻ آهي.
’پلئہ لڳڻ‘ عام طور ڪنهن تي وهنوار لڳڻ، ڪنهن تي حساب ڪتاب باقي هئڻ جي معنيٰ ڏيندڙ اصطلاح بہ آهي.
’پلئہ‘ ۽ ’پلاند‘ ٻئي لفظ بدلي وٺڻ ۽ عيوض وٺڻ جي معنيٰ ۾ بہ استعمال ٿيندا آهن. ملاکڙي جي اصطلاح موجب وهنوار ڏيڻ يعني جنهن ملھہ کي هڪ ڀيرو ماري وڃجي، تنهن سان وري جوڙو ڪرڻ بہ پلئہ يا پلاند ڏيڻ طور ڪم ايندو .
پلئہ يا پلاند وٺڻ ڪنهن جهيڙي يا قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ بہ ڪم ايندو آهي. خاص ڪري قبائلي سوچ جا ماڻهو پلاند ۾ يقين رکندا آهن ۽ چوندا آهن ”پلاند پراڻا نہ ٿيندا آهن“ ان ۾ ماڻهو مارڻ جهڙو ڪيس بہ هنن وٽ پلاند يا پلئہ ۾ شمار ٿيندو آهي.