پلاءُ پلاه

پُلاءُ/ پُلاه: گوشت ۾ رڌل چانورن جو طعام. پُلاھہ/پلاءَ جا گهڻا قسم آهن: دم پخت، برياني، بيدن جو پُلاءُ، پلي ۽ مڇيءَ جو پلاءُ، قورمو پلاءُ، مُتنجن، ساڳ جو پلاءُ، سُلا پُلاءُ يا شُولا پلاءُ وغيرہ. ان کي وڏن ماڻهن جو کاڌو سمجهيو ويندو آهي. شاھہ لطيف بہ سُر مارئيءَ ۾ پلاءُ لفظ ڪم آندو آهي:
’پلاءُ اوءِ نہ پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو