پلاسٽڪ جو چؤنرو (Cloche): ٻوٽن جي ٻيجاري مٿان سيءَ، هوا ۽ گهڻي مينهن وغيرہ کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ جو ٺهيل ڍڪ ڏبو آهي، جيڪو ٻوٽن جي شروعاتي واڌ کي زور وٺائي ٿو. هي چؤنرو (Cloche) شيشي (بلور) يا پلاسٽڪ مان هڪ ئي فريم ۾ ٺهيل هوندوآهي. هن قسم جي چؤنري هيٺان ٿورا ٻوٽا ڍڪيا ويندا آهن. ڪي چؤنرا ڊگهن پوشن جي صورت ۾ جوڙي، انهن سان ٻوٽن جي قطارن کي ڍڪيو ويندو آهي.