پَـلالُ (Rice Straw): سارين جو لوب سلي يا ٻوٽي جي پاڙن کان ٿيندو آهي. انهيءَ لوب کي ”وَل“ چوندا آهن، جيڪا کري ۾ رکبي آهي. ول ڳاهڻ کان اول، گولائيءَ ۾ پکيڙي ان جي وچ ۾ مُني کوڙيندا آهن، انهيءَ مُنيءَ کي ”نيھہ“ يا ”ميڙھہ“ چوندا. پوءِ نيھہ ۾ ڍڳا جوٽيندا آهن، جيڪي نيھہ جي چوڌاري ڦرندا آهن، انهن جي لتڙ سان سنگن مان داڻا ڇَڻي پِڙَ ۾ پکڙجي ويندا. چڱيءَ طرح ڳاهڻ کان پوءِ ڍڳا ڇوڙي، ان گڏ ڪندا آهن، ۽ تيلا ڌار ڍڳ ڪندا آهن، جيڪي تيلا گڏ ٿيندا آهن تن کي ”پلال“ چئبو، جيڪو لتاڙجي نرم ٿيل هوندو آهي. اهو پلال، مال جي چاري، پٽ تي وڇائڻ، ڇِت مٿان پکيڙڻ، ڇَني ۽ مَنهن ۾ وڇائڻ وغيرہ ۾ ڪم ايندو آهي. ”نيھہ“ جي ڀرسان ڦرندڙ ڍڳي کي ”نيهي“ يـا ”ميـڙهي“ چئجي ٿو. اهو ڍڳو تڪليف سان ڦرندو آهي. اُن ڍڳـي جـي مثال سان هڪ چوڻي آهي تہ مڙس تہ ”نيهي“ آهي، يا ”مڙس تہ ميــڙهـي“ آهــي.
’پلال‘ جا ’پيڙها‘ بہ ٺاهيا ويندا آهن، جيڪي ويهڻ وقت صندليءَ جو ڪم ڏيندا آهن. خاص ڪري سياري ۾ مچ يا چلھہ ڀرسان هٿ سيڪڻ لاءِ ’پِيڙهي‘ تي ويهبو آهي. جڏهن تہ پلال جا نوڙ ٻنڊن ۽ ڳٺڙين ٻڌڻ لاءِ بہ ڪم اچن ٿا.