پَلُرُ: تازي وٺل مينهن جو پاڻي، جيڪو تراين ۽ ٽوڀن ۾ گڏ ٿئي ٿو. ٿر ۾ کُوهن جي ٻاڙي پاڻيءَ کان پَلُر جي مٺي پاڻيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري جيستائين پلر جو پاڻي سواد ۽ رنگ نہ مٽائيندو، تيستائين ٿري ماڻهو اهو پاڻي استعمال ڪندا آهن. شاھہ لطيف بہ شاعريءَ ۾ پلر جو استعمال ڪيو آهي:
پلُر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پاھہ.