پَلو

پَلو

پلو

پَلو: پلو سنڌ جي مشھور مڇي آهي. هيءَ اصل سمنڊ جي مڇي آهي. جيڪا سمنڊ ۾ درياھہ جي ڇوڙ ڪرڻ وقت اتان آنن ۽ ٻچن ڏيڻ لاءِ درياھہ ۾ اچي ٿي، ان کي پلو چوندا آهيون. مڇي جيڪا کاري پاڻي يعني سمنڊ کان هجرت ڪري مٺي درياھہ ۾ اچي ٿي، ان هجرت کي ايناڊرامس (Anadromous) هجرت چيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري ڪا بہ مڇي مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻيءَ ۾ ويندي آهي تہ سندس ان هجرت کي ڪئٽاڊرامس (Catadromous) هجرت چيو ويندو آهي. پلو ايناڊرامس هجرت ڪرڻ واري مڇي آهي. سنڌ جو پلو خاص ڪري عربي سمنڊ ۾ رهندو آهي. پلو سنڌ کان سواءِ ڀارت، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سريلنڪا جي درياهن ۾ پڻ ملندو آهي. پلي جو جديد سائنسي نالو ’تانولوسا اليشيا‘(Tanaulosa ilisha) آهي، جڏهن تہ اڳ ۾ اهو ’هلسا اليشيا‘ (Hilsa ilisha) سڏبو هو. سنڌ جي پلي جو سواد ٻين هنڌن تي ملندڙ ساڳئي قسم کان ڪي قدر مختلف هوندو آهي.
پلو سنڌو درياھہ ۾ مئي مهيني کان سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. جڏهن درياھہ ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙھہ هوندو آهي، تڏهن پلو درياھہ ۾ آنا لاهڻ لاءِ ايندو آهي. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليھہ کان پنجاھہ لک آنا هوندا آهن. جنهن کي اسان کيرو پلو چوندا آهيون، اهو اصل ۾ نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، پويان نر پنهنجا ’تخمي جِيوَ‘(Sperm) ڇڏيندو ويندو آهي، ان کان پوءِ آنن جي واڌ وارو عمل پلي جي جسم کان ٻاهر پاڻيءَ ۾ مڪمل ٿيندو آهي. اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياھہ جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن، تڏهن وري سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن، پلو جڏهن درياھہ ۾ آني ڏيڻ لاءِ ايندو آهي، ان وقت اُهو پنھنجي جسم ۾ چرٻي يا سانڍيل خوراڪ جمع ڪري ايندو آهي ۽ پوءِ درياھہ ۾ جيترو عرصو رهندو آهي، ڪجهہ نہ کائيندو آهي. آنا لاهڻ کان پوءِ واپس سمنڊ ۾ وڃي ٻيهر کاڌ خوراڪ کائيندو آهي. عام ماڻهو چوندا آهن تہ پلو واري کائيندو آهي، پر ائين نہ آهي، اهو پاڻيءَ جا ننڍڙا جاندار ‘’پلئنڪٽان‘ (Plankton) کائيندو آهي، تنهنڪري پلي کي Planktivorous مڇي بہ چيو ويندو آهي.
پلو درياھہ ۾ آنا ان ڪري لاهڻ ايندو آهي، جو پاڻي لڙاٽيل هئڻ جي ڪري ٿڌو هوندو آهي ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ آڪسيجن، گرم پاڻيءَ کان گهڻي هوندي آهي. پلي جا آنا پلئجڪ (Pleagic) قسم جا هوندا آهن ۽ انهن ۾ تيل (Oil globule) جو مقدار گهڻو هجڻ ڪري اهي پاڻيءَ جي سطح تي ترندا آهن، ان ڪري قدرت پلي کي اها خاصيت ڏني آهي تہ اهو آنن لاهڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ڏانهن هجرت ڪري، پنهنجو نسل اڳتي وڌائي سگهي، ڇو جو سمنڊ جو پاڻي شفاف ۽ صاف هوندو آهي ۽ ان ۾ سج جي روشني گهڻي گهرائيءَ تائين ويندي آهي. اهو پاڻي مٿي سطح تي گرم هوندو آهي ۽ اهو گرم پاڻي پلي جي آنن کي، جيڪي تمام نازڪ ٿين ٿا، نقصان پهچائيندو آهي. وري گرم هئڻ ڪري ان پاڻيءَ ۾ آڪسيجن بہ گهٽ هوندي آهي، ان ڪري پلو آنا لاهڻ ۽ پنھنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ درياھہ ڏانهن ايندو آهي.
پاڪستان ۾ پلو ملتان تائين بہ رڪارڊ ٿيل آهي. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو. ٻين جاندارن وانگر مڇيءَ جي هر جنس ۾ نرماد ٿين ٿا، پر سواءِ ڪن ٿورين جنسن جي ٻين مڇين جا نر- ماد ڏسڻ سان سڃاڻي نٿا سگهجن. پلي جي ماديءَ جي سڃاڻپ عام طور معلوم آهي، جو کيرو پلو، جنهن جي پيٽ ۾ آني ڪانهي، سو نر آهي ۽ آنيارو (آنيءَ وارو پلو) مادي هوندو آهي، پر اها سڃاڻپ آنيءَ جي هئڻ يا نہ هئڻ جي لحاظ سان آهي. هيءُ مقرر موسم تي درياھہ ۾ چڙهي ايندو آهي. سنڌو درياھہ ۾ جنوريءَ کان وٺي آگسٽ تائين رهندو آهي.
1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ 1954ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو تہ پلو صرف ۽ صرف ڄام شوري تائين محدود ٿي ويو. انهن پُلين ۽ بئراجن جي ٺھڻ ڪري پلي جو اڳتي وڃڻ بند ٿي ويو. ڇو تہ پلي جي فطرت آهي تہ اهو پاڻيءَ جي وهڪري جي ابتڙ سفر ڪندو آهي ۽ گوڙ يا ڪا بہ رنڊڪ وغيرہ ڏسي واپس هليو ويندو آهي.
پلو مڇيءَ جو هڪ نازڪ قسم آهي. پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ جلدي مري ويندو آهي. پلي جو جسم ٻين مڇين جيان وچ ۾ ٿلهو ۽ منڍيءَ ۽ پڇ وٽ سنهو ٿيندو آهي. پلي جو منهن گول ۽ ننڍو هوندو آهي. ٻين مڇين وانگر پلي ۾ ڏند نہ هوندا آهن. پلو ٻن سالن جي عمر ۾ آنا ڏئي ٿو. آنا گول هوندا اٿس. پلو عام طور 8 کان 20 فٽ گهري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. پلي جي ڊيگهہ 60 يا ستر سينٽي ميٽر تائين ٿئي ٿي. سنڌ ۾ پلو ۽ مڇي ٻہ جدا جدا جنسون ڪري ليکجن ٿيون. نسل جي لحاظ کان پلو بہ مڇي آهي، پر پلو ٻين مڇين کان وڌيڪ ذائقي وارو آهي، انهيءَ ڪري پلي کي ٻين مڇين کان جدا سمجهيو وڃي ٿو.
پلا، ڊونڊين، بتيلن، هوڙن، تُنبن ۽ ماٽين جي مدد سان ماريا ويندا آهن. پلن مارڻ واري رڇ کي سَنڍ يا سُنبهي چوندا آهن. مهاڻي کي ”مارت“ چوندا آهن. سُٺا مارت روز ڏيڍ سؤ پلا ماريندا آهن. هاريءَ ۾ ٻہ پلا هڪ کيرو ٻيو آنيارو ٿيندا آهن. هاريءَ ۾ آنيارو پلو کُٽل هوندو تہ پوءِ ٽي کيرا پلا هاريءَ ۾ ڳڻيندا. پلو واريءَ ۾ پچندو آهي، تئيءَ تي تربو آهي، ٽانڊن تي پچندو آهي، ٺِڪر جي ڪُنن ۾ سيئبو آهي. پلي جو ٻوڙ بہ رَڌبو آهي. جڏهن تہ پلي جو پلاھہ بہ رڌبو آهي. موجودہ دور ۾ درياھہ ۾ پاڻي اچڻ وقت پَلو ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ۾ ماري وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پلو شوق سان کائڻ سبب مهانگو بہ آهي. پر پلو سوکڙيءَ طور ڏيڻ جي روايت بہ موجود آهي. هاڻي تہ سنڌو درياھہ ۾ پاڻي گهٽ آهي. ان ڪري اڪثر گوادري ۽ ايران جا پلا سنڌ ۾ وڪجڻ لاءِ اچن ٿا.


لفظ پلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو