پَليتو: ڪاغذ يا ڪپڙي جي وَٽِ. بارود جي ڀريل ٽوپي، جيڪا بندوق جي مڪوءَ تي رکبي آهي، ان کي ’جامڪي‘ بہ چئبو آهي.
آڳاٽي وقت ۾ مُنهن کان بارود ڀرڻ واريون بندوقون رائج هيون، جنهن جي ناليءَ ۾ بارود ڀري، مٿان ڪان (ڇيرا) وجهي، ڏٽي سان بند ڪري، پوءِ گهوڙي وٽان سوراخ ۾ پليتو وجهي دکائڻ سان بندوق ڇٽندي هئي.
عوامي شاعريءَ ۾ ’پليتو‘ لفظ ڪم آندو ويو آهي. جھڙوڪ:
تـوفـون ۽ گُـرزا گُـڙيا، ڪئـي پليـتن پاھہ.
(راڄن شاھہ)
آتشبازيءَ جي هڪ قسم کي بہ پليتو چيو ويندو آهي. ’پليتو لائڻ‘ هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب جهيڙو وجهائڻ، باھہ ٻارڻ يا فساد برپا ڪرڻ هوندو آهي.
ڪاغذ تي لکيل تعويذ يا دُعا کي بہ پليتو چون، جيڪا نحوست ٽارڻ يا ويساھہ وسوڙل ماڻهن طرفان جِن ڀُوت ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڌوئي پياربي آهي يا ساڙي ڇڏبي آهي.