پليجا2: ضلعي شڪارپور تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ پليجا، داد محمد بروهي ۽ سھتا ڳوٺ شامل آهن. خيرپور جي پراڻيءَ حد ۾ درياھہ جي هڪ پتڻ جو نالو بہ پليجا آهي. پليجا ڳوٺ جي آبادي هزار کن آهي. هتي پرائمري اسڪول ۽ بجلي موجود آهي.