پليجو عبدالرحمان

پليجو، عبدالرحمان: اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن، عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ منگر پليجي ۽ ٺٽي جي آخوند براديه پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ان کانپوءِ ڪاليج ٺٽي مدرسہ هاءِ اسڪول ميرپورخاص جامعہ عربيه حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. ادب ۽ صحافت سان دلچسپيءَ سبب هن روزانہ نئين سنڌ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائيءَ وٽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1966ع ۾ سنڌ جي ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالي ’بادل‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ يوسف شاهين جي هفتيوار اخباربرسات‘ (ڪراچي) جو بہ ڪجهہ وقت لاءِ ايڊيٽر رهيو.
عبدالرحمان پليجي 1967ع ۾ سوويت يونين جي پريس ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جي انچارج طور بہ ڪم ڪيو ۽ هن 1972ع کان وڪالت شروع ڪيائين. سنڌ جي شاگرد تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سياسي معاملن ۾ بہ سدائين سرگرم رهيو آهي. عبدالرحمان پليجي کي ويهارو سال اڳ ڳلي جو ڪينسر ٿيو، جنهن جو علاج 1990ع ڌاري لنڊن مان ڪرايائين. 1992ع ۾ هڪ وڏي ۽ ڪامياب آپريشن کان پوءِ چڱو ڀلو ٿي واپس وريو.
2009ع جي شروعات ۾ وري کيس ڄنگهہ ۾ ڪينسر ٿيو، ۽ کيس وري آمريڪا مان علاج ڪرائڻو پيو، پر سندس بيماري مڪمل ختم ٿي نہ سگهي آهي. سندس رهائش مڪليءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.17  عيسوي

عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير محمد خان جوڻيجو
پٽيل ولڀ ڀائي
پير حسام الدين راشدي
پاٽائي شيخ معروف
درويش راڄو ستيو دل
پير شاھہ ڪوثر
ساڌو هيرانند
شيخ ثناءُ ﷲ
جلال فقير ٽالپر
سمڀا بن ڪرشنا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون