پليجو، نور محمد: صوفي شاھہ عنايت شھيد جو ڪٽر دشمن نور محمد پليجو بن هنبو بن راڌو بن بابو پليجو، نامور پرڳڻي پليجار جو زميندار ۽ ان وقت جي حڪومت ۾ اثر رسوخ رکندڙ جاگيردار هو. نور محمد پليجي جڏهن شاھہ شھيد جي مخالفت شروع ڪئي، تڏهن سندس قبيلي وارن کي گهڻو سمجهايو، پر هيءُ نہ مڙيو. سيد عبدالواسع، نور محمد پليجو ۽ حمل جت سڀ کان پهريان شاھہ عنايت شھيد جا مخالف ۽ ويري ٿيا. شاھہ شھيد عنايت جي تحريڪ کي وڌندو ڏسي هنن جي دلين ۾ گمان پيدا ٿيڻ لڳا. جنهن بعد سيد عبدالواسع ٺٽي جي نواب مير لطف ﷲ خان کي مدد لاءِ عرض ڪيو، نواب لطف، نور محمد پليجي کي سيد عبدالواسع جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. نور محمد پليجو اڳي ئي شاھہ عنايت جي خلاف تپيو ويٺو هو، هن پنھنجي ماڻهن کان سواءِ ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان پنهنجا هزارين ماڻهو گڏ ڪيا ۽ حمل جت بہ پنھنجي ماڻهن سان اچي هنن سان گڏيو. اهڙي طرح نور محمد پليجي، حمل جت ۽ سيد عبدالواسع پنھنجي فوج تيار ڪري صوفي شاھہ عنايت شھيد جي خانقاھہ تي حملو ڪري ڏنو. انهيءَ حملي ۾ صوفي شاھہ عنايت جا ڪيترائي فقير شھيد ٿي ويا، جنهن تي نور محمد پليجو خوش ٿيو تہ هاڻي هيءَ تحريڪ ختم ٿي وئي. انهيءَ خونريزيءَ کان پوءِ صوفي شاھہ شھيد جا فقير دهليءَ ۾ دانهين ٿي ويا، دهلي درٻار خون بھا ۾ قاتلن جون زمينون شھيدن جي وارثن کي ڏنيون، ان کان پوءِ تہ نور محمد پليجو شاھہ عنايت شھيد جو سخت دشمن ٿي بيٺو. جڏهن نواب اعظم خان 1128ھہ/1716ع ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو تہ ٻين سان گڏ نور محمد پليجي نواب اعظم خان کي شاھہ عنايت شھيد خلاف ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح نواب اعظم خان، شاھہ شھيد خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ آخرڪار قرآن شريف وچ ۾ آڻي شاھہ عنايت شھيد کي دوکي سان 15 صفر المنظفر 1130ھہ/7 جنوري 1718ع تي شھيد ڪيو.