پلي حاجي منٺار

پلي، حاجي منٺار: حاجي منٺار ولد ڄام پلي، ’درس پليءَ‘ جي وڏي پٽ ’پيرج پليءَ‘ جي اولاد مان ’حسناڻي‘ پاڙي مان هو. حاجي منٺار جي ولادت 1862ع/ 1279ھہ ڌاري ڳوٺ ڳموري تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي. سير ۽ سياحت جو شوقين، گهوڙي سواريءَ جو ماهر ۽ گهوڙن جي بيمارين جو پنھنجي تَر ۾ وڏو ڄاڻو هو. هي سماٽ نسل جي ذاتين جي راڄوَنديءَ ۽ ريتن رسمن بابت بہ وڏي مهارت رکندو هو. حاجي منٺار پليءَ جي شاعري اڪثر واقعاتي آهي، جنهن ۾ مزاح، مناظرا، نصيحت ۽ هِجوَ وغيرہ جا مضمون شامل آهن. سال 1941ع ۾، پنھنجي ڳوٺ ڳموريءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو