
راڄ محمد پلي
پلي، راڄ محمد: نامور شاعر ۽ اديب راڄ محمد پليءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو، پر هو راڄ محمد پليءَ جي نالي سان مشھور هو. هن خانصاحب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾، 27 آگسٽ 1940ع تي، ڳوٺ عطا محمد پليءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ انگريزي تعليم ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان حاصل نہ ڪيائين، پر پنھنجي والد جي سايي هيٺ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي معمولي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهہ عرصي بعد اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ وڌيـڪ تعـليـم حـاصـل ڪـرڻ لاءِ داخــلا ورتائين. هي ارادي جو مضبوط شخص هو. شاعريءَ ۾ سندن ڪافيون تمام اعليٰ معيار جون آهن. راڄ محمد پليءَ، صــوفي صـادق فقيـر سومري بـابت وڏو تحقيقـي ڪـم ڪيــو. سندس انهن مقالن کي ترتيب ڏئي، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ڪتاب ’وڙهيا، واڳيا، واپريا‘ جي عنوان سان ’ادارہ نواءِ ادب‘ عمرڪوٽ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. راڄ محمد پليءَ جو ’ادارہ نواءِ ادب‘ جي قيام ۾ پنھنجي ڀاءُ عبدالڪريم پليءَ سان گڏ اهم ڪردار رهيو ۽ پاڻ ان جو ڊائريڪٽر هو. سندس دور ۾ ادارہ نواءِ ادب پاران ٻہ ڪـتاب: ’وڻـجـارن وايـون‘ (مرتب عبدالڪريم پلي) ۽ ’لُونءَ لُونءَ منجهہ لغار‘ (وفا پليءَ جي شاعري) ڇپجي پڌرا ٿيا.
راڄ محمد پليءَ جي وفات 1991ع ۾ ٿي.
1940.08.27 عيسوي
راڄ محمد پلي خانصاحب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾، 27 آگسٽ 1940ع تي، ڳوٺ عطا محمد پليءَ ۾ جنم ورتو.