پلي، صابر: صابر پلي، ’سومريجن پلين‘ جي ’سائين ڏناڻي‘ پاڙي مان هو. هن ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ جانهيري ۾، 1811ع ڌاري جنم ورتو. زندگيءَ جو ڪجهہ عرصو ننگرپارڪر ۾ گذاريائين. پنھنجي دؤر جو برجستو سگهڙ شاعر هو. کيس ٻين شاعرن جو ڪلام بہ وڏي تعداد ۾ ياد هو. ٿر ۽ مهراڻي ۾ سندس مجازي مام جو قصو، ’صابر ۽ نوران‘ نالي مشھور آهي. تُڪبنديءَ وارن دوهن کان سواءِ سندس بيت وڏي تعداد ۾ ملن ٿا. هن جي وفات 1865ع ڌاري ٿي.