پلي، طالب: طالب پلي مشھور شاعر مل محمود پليءَ جو فرزند هو ۽ ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ 1330ھہ/ 1911ع ڌاري ڄائو. مڪتب جي نصابي تعليم حاصل ڪيائين. شاعري کيس پنھنجي والد کان ورثي ۾ ملي. تُڪبنديءَ جو ماهر هو. سندس ڪلام، مولودن، بيتن، مداحن، ڪافين ۽ ٽيھہ اکرين تي مشتمل آهي. پُوھہ جوانيءَ ۾ 1361ھہ/ 1942ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس تربت ’رام جاڳو‘ قبرستان ۾ آهي. طالب پليءَ جي ڪلام ۽ سوانح تي جان محمد بنگلاڻيءَ، ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف لکيو آهي، جيڪو سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ محفوظ آهي.