پلي، عبدالخالق ’عبد‘: مولوي عبدالخالق ’عبد‘ پلي ولد حاجي محمد يوسف پلي، ڳوٺ کيرل، تعلي عمرڪوٽ ۾ 1915ع ۾ ڄائو. مولانا محمد علي جوڻيجي وٽ دستاربندي ڪيائين. پنھنجي چاچي حڪيم حاجي محمد کان طب جو علم بہ سکيو. سڄي ڄمار مختلف مدرسن ۾ تعليم ۽ تدريس ۾ گذاريائين. وڏو موحد، متقي ۽ پرهيزگار شخص هو. سندس شاگردن ۾ مولانا محمد مبارڪ ’اثيم‘ پلي، مولوي محمد اسحاق جوڻيجو ۽ سندس ڀاءُ معمور يوسفاڻي خاص آهن. هن جو سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ ڪلام موجود آهي. سندس لکيل ڪجهہ طب جا نسخا ۽ فتوائون بہ محفوظ آهن. هن 1969ع ۾ وفات ڪئي.