عبدالڪريم پلي
پلي، عبدالڪريم: ڪافيءَ ۽ غزل جو نامور شاعر ۽ سياستدان، عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پليءَ 21 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. پرائمري سنڌي تعليم کان پوءِ جدا جدا مرحلن ۾، سنڌيءَ ۾ اديب فاضل ۽ انگريزيءَ ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. علمي ۽ ادبي رسالن جي مطالعي سندس والد وٽ ٿيندڙ صوفياڻين ڪچهرين ۽ ادب دوستن جي صحبت مان کيس شعر و شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو. سندس شاعريءَ جو ابتدائي دور 1958ع کان شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ هن بيت ۽ ڪافيون چيون. 1960ع کان سندس شاعريءَ جو ٻيو دور شروع ٿئي ٿو، جنهن کي ’روايتي دور‘ چئي سگهجي ٿو. ان ئي دور ۾ ’ادارهء نواءِ ادب‘ جو قيام عمل ۾ آندائين. علمي رابطن ۾ وسعت آندائين ۽ حيدرآباد جي اعليٰ علمي ۽ ادبي حلقي ۾ متعارف ٿيو. طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. ان ئي زماني ۾ پلي صاحب ٽماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو. اتان ئي سندس شاعريءَ جو علحده مقام شروع ٿيو. ائين اڳتي هلي عبدالڪريم پلي اوچ ڪوٽيءَ جو شاعر ثابت ٿيو. سندن فن ۾ جديد ۽ قديم فن جو امتزاج آهي. کيس غزل، بيت، وائيءَ ۽ ڪافيءَ تي استادانه دسترس حاصل هئي. مولانا غلام محمد گراميءَ جي راءِ موجب، ”ڪريم پليءَ جو فن، پنهنجي سادي ۽ سليس، جاذب ۽ دلڪش اسلوب ۾، رنگينيءَ ۽ رعنائيءَ جي نقطه آفرين دنيا رکي ٿو. مختصر بحرن ۾، مختصر تر ڪيبن ۾، مختصر خيالن ۾ ۽ مختصر لفظن ۾، هڪ معنيٰ آفرين، تنقيدي ۽ دل چڀندڙ احساس، جذبات جي عڪاسيءَ، تاثرات جي تلخيءَ ۽ مشاهدي جي حقيقت آفرينيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته هن شاعر ۾ هڪ باڪمال شاعر جو روح آهي. ڪريم پنهنجي مختصر نويسيءَ ۾، لفظن جي صحت ۽ خيالن جي ندرت، بيان جي رنگيني ۽ جذبي جي ترجمانيءَ کي ان معيار ۾ مقام تي پهچايو آهي، جيئن پراڻو ۽ پائمال مضمون به نئون ۽ دل آويز پيو محسوس ٿئي.
ڪريم جي فن ۾ محض روايت ناهي، پر ان سان گڏ اصليت ۽ افاديت به آهي. سندس هر خيال، زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جي ترجماني ڪري ٿو. وٽس هجرو وصال جا افسانا ۽ زلف و اَبرو جا داستان به ملندا ته ان سان گڏ، طبقاتي ڪشمڪش به ملي ٿي ۽ ترقي پسند فڪر جي باغيانه علامت به ملي ٿي، جن کي ڏسي پيشنگوئي ڪري سگهجي ٿي ته مشق، رياض، مطالعي ۽ اصلاح سان، ڪڏهن هي شاعر، چوٽيءَ جي شاعرن ۾ مقام حاصل ڪندو. (ٽماهي مهراڻ، شاعر نمبر 1969). گرامي صاحب جي راءِ مُنڊيءَ تي ٽِڪ ثابت ٿي.
ڪريم پلي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ چاهيندڙ هو. مشهور فنڪارن: استاد منظور علي خان، ڍول فقير، عابده پروين، استاد غلام قادر، استاد شادي فقير، سينگار علي سليم ۽ استاد شفيع فقير، فقير ڪريم پليءَ جون ڪافيون ۽ غزل خوب ڳايا آهن، جن کي وڏي مقبوليت علمي، ادبي توڙي عوامي حلقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’ڪيا سانگ سانوڻ‘ (مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، اپريل 1999ع) ۽ ’چنڊ جهڙا پرين‘ (مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، اپريل 1999ع) ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ڪريم صاحب جو سنڌي ڪافيءَ جي شاعرن تي هڪ ڪتاب ’وڻجارن وايون‘ (1961ع) ترتيب ڏئي ڇپايل آهي.
عبدالڪريم پلي، عمرڪوٽ ضلعي جو وڏو زميندار هئڻ سان گڏ اعليٰ مقام جي سماجي ۽ سياسي شخصيت شمار ٿيندو هو. 1967ع ۾ يونين ڪائونسل عطا محمد پليءَ جو چيئرمئن ٿيو. پلي صاحب 1970ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو آزاد اُميدوار طور ميمبر منتخب ٿيو. ان کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي راءِ سان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1976ع ۾ ٻيو دفعو صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر ٿيو.
ڪريم پلي وڏو علم ۽ ادب دوست شخص هو. وٽس سنڌ جي ناميارن اديبن ۽ شاعرن جون هميشه محفلون مچنديون هيون. ان ۾ سنڌي توڙي اردو شاعر ۽ اديب شامل هوندا هئا. هو هڪ وضع دار، محبتي ۽ علم ادب جو قدردان شخص هو. سندس زندگيءَ جو هر رخ متوازن ۽ انساني اعليٰ قدرن جو نمونو هو. هن خوبصورت شاعر ۽ اهل دل شخص، 4 نومبر 1991ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
1940.08.21 عيسوي
عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پليءَ 21 آگسٽ 1940ع تي ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.
1991.11.04 عيسوي
عبدالڪريم پلي 4 نومبر 1991ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.