پلي، مبارڪ ’اثيم‘: مولوي مبارڪ ولد حاجي عبدالحميد پليءَ جي ولادت 1915ع ۾ اباڻي ڳوٺ کيرل ۾ ٿي. ابتدائي فارسي ۽ عربي تعليم پنھنجي عزيز مولانا عبدالخالق پليءَ وٽ ورتائين ۽ ان بعد باقي نصاب مولانا محمد عثمان قِراني ۽ مولانا محمد علي جوڻيجي وٽ مڪمل ڪري، دستاربندي ڪيائين. هو بھترين مدرس، سٺو مقرر، اديب ۽ شاعر هو. ناري پٽ جي مشھور رسالي ’قِرانيءَ‘ ۾ سندس تحريرون موجود آهن. ان کان سواءِ هن ٻہ ڪتاب: (1) ’انڪشاف الحقيقت‘، ۽ (2) ’موت الهنود‘ بہ لکيا، جن مان پهريون شايع ٿيل آهي. سنڌيءَ کان سواءِ فارسي زبان ۾ بہ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو بَياض ناياب آهي. مھر ڪاڇيلويءَ جي
لکيت موجب برصغيـر ۾ عـلامـه مشـرقـيءَ جـو وڏو مخالف، مولوي مبارڪ
’اثيم‘ هو. مولوي صاحب، 28 ذوالحج 1357ھہ/1939ع تي حج تان موٽندي وفات ڪئي.